Tuesday 8 April 2014

سستو ۽ جديد ترين مائيڪرو ٿري ڊي پرنٽر متعار  

جديد ٽيڪنلوجي جو هڪ ٻيو مثال جتي مختلف قسمن جون ٽيڪنلوجي عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچي رهي آهي اتي آمريڪا جي هڪ ڪمپني سستو ٿري ڊي پرنٽر متعارف ڪرايو آهي جيڪو کائڻ وارين شين ٻارن جي رانديڪن زيور وغيراه بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.




150 پائونڊ جي ماليت جو هي مائيڪرو ٿري ڊي پرنٽر جنهن جو وزن 1 ڪلو آهي انتهائي تيز رفتار سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندو آهي.




ڪمپني جي مطابق هي مائيڪرو پرنٽر جنهن جي قيمت عام ماڻهو جي وس ۾ آهي ايندڙ سال تائين پوري دنيا جي مارڪيٽ متعارف ڪرايو ويندو

Monday 7 April 2014

Hazara Youngester Talant


Saturday 5 April 2014

کاڌي کان بغير زنداه رهي سگهان ٿو پر  

دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي انتهائي عجيب عادت ڏٺي وڃي ٿي ۽ اها عادت انن کي نقصان به ڏئي سگهي ٿي. ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ڪنهن انسان جي پسنديداه خوراڪ مٽي گارو ڀٿر ۽ سرون هجن. جيڪڏهن نه آهي ته پوءِ ڏسي وٺو.
ڀارت جي رياست ڪرناٽڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ Pakkirappa Hunagundi جي کاڌي کان وڌيڪ پسنديداه خواڪ مٽي سرون ۽گارو آهي. هي 30 سالن جي عمر وارو ماڻهو آهي ۽ روزانو 3 ڪلو مٽي سرون هضم ڪري وڃي ٿو.


هن شخص کي 10 سالن جي عمر ۾ هي عادت پئي ۽ هن جو چوڻ آهي ته هي ڪڏهن به بيمار نه ٿيو آهي.
جيڪڏهن پکيرا کي ان عادت کان چوٽڪار حاصل ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي ان تي نارضگي ظاهر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو هي ان کان بغير زنداه نه ٿو رهي سگهي.



حيرت انگيز ڳالهه هي آهي ته مٽي ۽ سرون کائڻ سان ان جي ڏندن کي به نقصان نه ٿو پوچي. ڊاڪٽرن  ان عادت کي هڪ بيماري قرار ڏنو.


پيکرا جو چوڻ آهي ته مان گذريل 20 سالن کان مٽي ۽ ڀٿر کائي رهيو آهي ۽ مانکي انن سان محبت آهي. هي منهنجي زندگي جو حصو آهن.
مان ان سب جو آغاز ان وقت ڪيو هو جڏهن مان 10 سالن جو هيس ۽ هاڻ مونکي هي سڀ زندگي جو حصو لڳن ٿا. مان گاڌو ڇڏي سگهان ٿو پر مٽي ڀٿر ۽ سرون نه ٿو ڇڏي سگهان.


پکيرا جو پئي 20 سالن تائين ان عادت کان روڪيندو رهيو پر هي شخص پنهنجي ڳوٺ جو اڌ حصو کائي چڪو آهي.
پکيرا جو چوڻ آهي مونکي مٽي سرون ڀٿر جي علاه ٻئي ڪائي چيز پسند نه آهي ايتري تائين جو منهنجي سامهون عالا گاڌو رکيو وڃي ته ان کي چکدم به نه. 
منهنجي ماءُ مونکي ان کي ڇڏڻ جو تمام گهڻو زور لڳايو آهي منهنجي سامهون چکن فرائي رکندي هوئي ته به نه کائندو هم.
هن ڳوٺ جي هڪ رهواسي جو چوڻ آهي ته پکيرا کي ننڍي لاءِ کان سڄاڻان ٿو هي هميشه مٽي ۽ ڀٿر کائندو آهي.
ننڍا ڀٿر ان کي زخمي ڪري ڇڏيندا هئا پوءِ به هي مٽي ۽ ڀٿر کائندو آهي.


پکيرا جو چوڻ آهي ته منهنجي پيءُ کا مري چار سال ٿي ويا آهن ۽ مان تڏهن کان پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪري رهيو آهيان منهنجي ڪوئي به ڪمائي نه آهي مان پنهنجي ان ٽيلنٽ سان ڪجهه ڪمائڻ چهيان ٿو. مان ماڻهن کي ڏيڪارڻ چهيان ٿو ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان

Friday 4 April 2014

ڪيمرا جهڙي شڪل وارو هوٽل  

پوري دنيا ۾ جتي بلند ترين عمارتون ماڻهن جي تواجه جو مرڪز بڻيل هونديون آهن. اتي هڪ اهڙو هوٽل به آهي جيڪو ماڻهن جي تواجه جو مرڪز بڻيل آهي ۽ فوٽو گرافر پنهنجي ڪيمري ۾ ان جو عڪس ضرور نظر بند ڪندا آهن.



واقعي ۾ هي جنوبي ڪوريا ۾ تعمير ڪيل  مختلف قسم جي شڪل جيڪا هڪ ڪميري جي طرح آهي.



پر ان جي اندر به فوٽوگرافي جا سامان موجود آهن جيڪي ماڻهن جي تواجه جو مرڪز بڻيل رهن ٿا.

Thursday 3 April 2014

ٽيڪنلوجي جي دنيا جي طاقتور برانڊز جو تعارف  

ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ چند  ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جا پروڊڪٽ اک بند ڪري به حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڇو ته انن جا نالا  ڪميابي جي ضمانت آهن. هي ڪمپنيون طاقتور برانڊز جي طور تي ته سڃاڻيون وڃن ٿيون. ڪجهه ڏينهن پهرين CoreBrand نامي هڪ ڪمپني دنيا جي طاقتور ترين برانڊز جي حوالي سان هڪ لسٽ جاري ڪئي آهي. ان لسٽ ۾ دنيا جي هڪ سو طاقتور برانڊز جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ٽيڪنلوجي جي دنيا جون مشهور ڪمپني ايپل 10 نمبر تي جيڪڏهن ڳالهه صرف ٽيڪنلوجي جي حوالي سان ڪئي وڃي ته ايپل هن وقت دنيا جي سب کان طاقتور برانڊ آهي. اسان ڳالهه صرف ٽيڪنلوجي جي دنيا جي ڪري رهيا آهيون. پر 100  برانڊز ۾ هي ڪهڙي نمبر تي آهن ان جو ذڪربه ڪيو ويندو.
Apple
ايپل کي دنيا جي انتهائي تخلقي ڪمپني ۽ ان جو شمار دنيا جي طاقتور برانڊز ۾ ڪيو وڃي ٿو. ٽيڪنلوجي ۾ هي پهرين جڏهن ته مجموئي طور تي دنيا جي طاقتور ترين برانڊز ۾ ان جو ڏهون نمبر آهي.




Microsoft
ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ طاقتور ترين برانڊز جي لسٽ ۾ ٻيو نمبر مائڪروسوفٽ کي حاصل آهي. ٽيڪنلوجي ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان ڪمپني گذريل پنج سالن ۾ ناقابل يقين ترقي ڪئي آهي. دنيا ۾ طاقتور برانڊز جي لسٽ ۾ ان جو يارهون نمبر آهي.



Google
گذريل پنج سالن ۾ گوگل ناقابل يقين حد تائين پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪئي آهي ۽ ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ طاقتور برانڊ آهي جڏهن ته مجموئي طور تي ان کي 26  نمبر حاصل آهي.





Yahoo
ياهو به ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي ۽ اڃ هي ڪنهن تعارف جو محتاج به نه آهي. ان وقت ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ ڇوٿو طاقتور برانڊ آهي جڏهن ته مجموئي طور تي ان جو پوري دنيا جي لسٽ ۾ 28 نمبر آهي.



Sony
سوني جي ڪارڪردگي مسلسل بهتر ڏسڻ ۾ اچي پئي ۽ ان ڳالهه جي ڪري گذريل چند سالن ۾ ان جي پوزيشن ۾ بهتري آئي آهي. ٽيڪنلوجي جي حوالي سان 5 نمبر تي جڏهن ته دنيا جي طاقتور برانڊز ۾ 31 نمبر حاصل آهي.


AT&T
ان ڪمپني جي ڪارڪردگي سال 2013 ۾ ڪافي مايوس نظر آئي آهي جنهن جي وجه کان ان جي پوزيشن ۾ ڪمي آئي آهي. پر هي ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾  6 نمبر تي طاقتور مجموئي طور تي 33 نمبر تي آهي.



Dell
ڊيل به سال 2013 کان وٺي اڃ ڏينهن تائين ڪوئي خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي جنهن جي ڪري پوزيشن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ان وقت دنيا جي طاقتور ترين برانڊز ۾ ان جو 48 نمبر جڏهن ته ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 7 نمبر تي آهي.




IBM
آئي بي ايم ڪاروباري ادارن جي درميان مسلسل پنهنجي سڳ بهتر بڻائي رهيو آهي ان جي پوزيشن ۾ قابل ذڪر اضافو ٿيو آهي. ان وقت ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 8 نمبر تي جڏهن ته دنيا جي طاقتور برانڊز ۾ 49 نمبر تي آهي.




Samsung
سام سنگ مسلسل ترقي جي ضمانت جو محتاج نه آهي. ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ سام سنگ 9 نمبر تي طاقتور برانڊز جڏهن ته دنيا ۾ 52 نمبر تي آهي.





eBay
اي ڪامرس جي وڏي وڏي ڪمپنين ۾ اي بي  جو نالو پهرين نمبر تي اچي ٿو. گذريل 5 سالن ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي ان وقت ٽيڪنلوجي جي دنيا ۾ 10 جڏهن ته مجموئي طور تي 59 نمبر تي آهي


Saturday 29 March 2014

پروسيسر؟  




پروسيسر؟
ڪمپيوٽر جي اندر ٿيڻ وارن سب ڪمن جي نگراني پروسيسر ڪندو آهي. پروسيسر کي CPU  چيو وڃي ٿو جيڪو Center Processing Unit  جو شارٽ فارم آهي. ان کي مائڪرو پروسيسر به چيو وڃي ٿو. جنهن طرح انسان جي اندر هڪ دماغ هوندو آهي اهڙي طرح CPU  به ڪمپيوٽر جو دماغ آهي.
پروسيسر جي چپ هڪ مربع انچ کان به گهٽ سائز جي هوندي آهي. مدر بورڊ ۾ موجود هڪ ساڪٽ ۾ لڳندي آهي. پهريون ڪمياب پروسيسر انٽل 1979ع ۾ متعارف ڪرايو هو جنهن کان بعد ان فيلڊ ۾ تمام بهترين ترقي ٿي آهي. پروسيسر جي سڄاڻ عمومن نمبر سان ٿئي ٿي.