سڙڪ جيڪا اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي آهي
جنوبي ڪوريا هڪ اهڙي سڙڪ بڻائي آهي جنهن جي هلندڙ اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي
آهي حڪام جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين سڙڪ آهي ۽ ان جي لمبائي
12 ڪلو ميٽر آهي
ان جو مطلب آهي ته گاڏين ۾ سڙڪ سان گڏ اهڙي قسم جا آلات استعمال ٿيل آهن جو
گاڏي کي چارج ڪرڻ لاءِ روڪڻ جي ضرورت ڪون پوندي آهي
ٻه عوامي بسو ان ٽيڪنلوجي جو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن ۽ 2015 تائين ان جي
تعداد ۾ اضافو ٿي ويندو
ڪوريا ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪائسٽ جي ڊانگ هو چو جو هن
پروجيڪٽ جو سربراه آهي ان چوڻ آهي ته هي وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته اسان ان منصوبي ۾
ڪمياب ٿي ويا آهيون ته هاڻ بسون عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت فرهام ڪن ان وڌيڪ چيو
ته هي يقينن او ايل اي وي ٽيڪنالوجي جي لاءِ مزيد ڪمرشل سطح تي وڃڻ ۽ عوامي
ٽرانسپورٽ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي