سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي مختلف واقعن ۾ 38 ماڻهو فوت ڪيترا زخمي ڪيترنِ علائقن ۾ سيلاب جي صورتحال زندگي مفلوج بڻجي وئي
ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات ملير ندي ۾چاڙهه سنڌي ڳوٺ پاڻي هيٺ 15 ڄڻا فوت حيدرا آباد لطيف آباد ۽ شهر جي ٻين ڪيترن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. سکر لاڙڪاڻو فيض گنج ۽ شڪارپور ۾ 4 ڄڻا فوت تيز برسات سبب خيرپور ۾ کجي ۽ شڪارپور ۾ ساريالي فصل کي نقصان جيڪب آباد ۾ ڪئنال کي گهارا 40 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا سهدادڪوٽ ۽ ڀرياسٽي ۾ طوفاني برسات هيٺيان وارا علائقا ٻڌي پيا موسميات کاتي 12 گهنٽن اندر سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ تيز برسات جي اڳڪتي ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان جو پاڻي سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو ٻوڏ جو خطرو ايمرجنسي لاڳو قلات مان جابلو علائقي ۾ نهرون واهي اچڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي پاڻي تيزي سان سهداد ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي جهل مگسي ضلعي ۾ هنگامي صورتحال لاڳو ڪئي وئي آهي قبو سعيد ۽ ٻين وسندين ۾ ٻوڏ جو خطرو ڪجهه ڳوٺ خالي ڪرائيڻ جي جي وارننگ پڻ ڏني وئي آهي
0 comments:
Post a Comment