Friday, 9 August 2013

سڙڪ جيڪا اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي آهي


سڙڪ جيڪا اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي آهي
جنوبي ڪوريا هڪ اهڙي سڙڪ بڻائي آهي جنهن جي هلندڙ اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي آهي حڪام جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين سڙڪ آهي ۽ ان جي لمبائي 12 ڪلو ميٽر آهي
ان جو مطلب آهي ته گاڏين ۾ سڙڪ سان گڏ اهڙي قسم جا آلات استعمال ٿيل آهن جو گاڏي کي چارج ڪرڻ لاءِ روڪڻ جي ضرورت ڪون پوندي آهي
ٻه عوامي بسو ان ٽيڪنلوجي جو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن ۽ 2015 تائين ان جي تعداد ۾ اضافو ٿي ويندو
ڪوريا ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪائسٽ جي ڊانگ هو چو جو هن پروجيڪٽ جو سربراه آهي ان چوڻ آهي ته هي وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته اسان ان منصوبي ۾ ڪمياب ٿي ويا آهيون ته هاڻ بسون عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت فرهام ڪن ان وڌيڪ چيو ته هي يقينن او ايل اي وي ٽيڪنالوجي جي لاءِ مزيد ڪمرشل سطح تي وڃڻ ۽ عوامي ٽرانسپورٽ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي


0 comments:

Post a Comment