Monday, 9 December 2013
Saturday, 7 December 2013
Pakistan Idol 1st Episode on Geo Tv 6-December 2013 in High Quality Video
Posted by
Daharki Web
at
22:45
Pakistan Idol 1st Episode on Geo Tv 6-December 2013 in High Quality Video
Wednesday, 4 December 2013
افسوس اسان جي ماڻهن تي...!
Posted by
Daharki Web
at
23:00
پنجاب، ڪشمير،بلوچستان، گِلگت بلتستان ۽ پختونستان جا رهواسي پَنهنجا گھر، گھاٽ ۽ اَجھا ڇڏي گرمي توڙي سردي ۾ سنڌُ اچن ٿا ته روزگار مِلي يا ڪاروبار ڪري ڪُجھ ڏوڪَڙ ڪَمائي سگھجَنِ ۽ پنهنجن مارُن وارثن کي چوندا آهن ته اسين سنڌُ پيا وڃون ڄڻ ڪو سنڌُ هُنن لاءِ شارجه ۽ دُبئي هُجي.
وري اِنَ جي اُبتڙِ، اسان جا مقامي سنڌي ماڻهو، پنهنجي سونَ جھڙي قيمتي ڌرتي غيرَن جي حوالي ڇڏي ٻاهرين مُلڪ ويندا رهن ٿا، اُتي ڪُجھ سال مس ئي گُزاري سگھن ۽ واپس اچي ٺهڪو ٿا ڪَنِ... پوءِ به سنڌُ جھڙي ٺاٺ باٺ واري زندگي ڪونه ٿي ملي سگھين...!
۽ وري ڪرن ٿا هائي گھوڙاڙي...!
سِنڌي دوستو هاڻي ته ڪُجھ اِحۡساس ڪَيو، ٿورڙي زميداري کَڻو پاڻ به جاڳو پنهنجن پاڙي وارن کي به جاڳايو، ۽ يقين ڏياريون ته سنڌُ سموري سون آهي! منصورممتاز
سنڌ م پرديسي پکين جو شڪار وڌي ويو
Posted by
Daharki Web
at
22:51
پرديس
مان محبت ء امن جو سنيھو کڻي ايندڙ پکي جڏھن واپسيءَ بدران بي موت ماريو وڃي تہ ان
ديس جو ڪھڙو مثال قائم ٿيندو
ظلم جي حد تہ ڏسو، انسانيت جا وڏا رکوالا جڏھن پاڻ سنڌ ديس کي
محبت جي ڌرتي سڏين ٿا ء وري محبت جو قتلام بہ پنھنجي ھٿن سان پاڻ ڪن ٿا....صد
افسوس ٿو ٿي ھي تصويرون ڏسي
جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمین
رياض چانڊيو پرديسي پکين جي شڪار ڪندي
شهري حقن ۾ پاڪستان صرف شام، ڪانگو ۽ سوڊان کان بهتر آهي
Posted by
Daharki Web
at
22:47
برطانيه جي هڪ تجزياتي ادري جي تازاه رپورٽ ۾ ڃڻايو
ويو آهي ته پاڪستاني شهري بنيادي حقن کي سنگين خطرن جي لحاظ کان دنيا ۾ 4 نمبر تي
آهي. تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ روايتي انساني حقن جون خلاف ورزين جي علاواه هاڻي
فرقه وارانه ريوايتو انساني حقن جي لاءِ نئو خطرو بڻجي رهيون آهن
Monday, 2 December 2013
بلوچستان ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سونامي جو خطرو
Posted by
Daharki Web
at
22:42
ارضيات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ڪراچي، مڪران،
گوادر، پسني ۽ ماڙا جي علائقن ۾ سونامي جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي تباهي ٿي
سگهي ٿي. تحقيقات جي مطابق سونامي جون لهرون ويهن کان ٽيهن ميٽر تائين بلند ٿي
سگهن ٿيون جڏهن ته ڪراچي، مڪران، گوادر ۽ پسني ۾ سمنڊي طوفان جو به خطرو آهي.
آواران ۾ زلزلي کان بعد نيشنل انجنيئرنگ سروس ملڪي ۽ غيرملڪي جيولوجيڪل اعدادشمار
جي مطابق نقشو تيار ڪيو آهي. نقشي ۾ حيدرآباد، ڪراچي، پسني، گوادر، گڊاني جي ساحلي
پٽي جي هيٺيان 126 فالٽ لائنز جي نشانداهي ڪئي وئي آهي. جيولوجيڪل ڊيٽا جي مطابق
آواران ۾ زلزلو سمنڊ ۾ راس ميلان فالٽ لائين ايڪٽو ٿيڻ جي ڪري آيو. فالٽ لائين ۾
وڌيڪ ڏار اچي رهيا آهن جڏهن ساحلي پٽي جي زمين جو هڪ حصو هيٺ ڌٻجي رهيو آهي هي عمل
مسلسل جاري آهي 5 يه 9 جي شدد جا وڌيڪ زلزلا اچڻ ۽ سونامي جو خدشو آهي. ماهيرين جو
چوڻ آهي سونامي جي صورت ۾ ڪراچي کان مڪران تائين ساحلي پٽي 7 ميٽر تائين پاڻي ۾
ڌٻجڻ جو خطرو آهي. نقشي ۾ پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ وڌيڪ جزيرا اڀرڻ جي نشانداهي
ٿيل آهي. بلوچستان يونيورسٽي جي ماهرين ارضيات ڊاڪٽر دين محمد ۽ يورپي ماهرين جي
تحقيق ۾ چيو آهي ته شديد سمنڊي طوفان به خطرو موجود آهي.
Subscribe to:
Posts (Atom)