Monday, 2 December 2013

بلوچستان ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سونامي جو خطرو 

ارضيات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ڪراچي، مڪران، گوادر، پسني ۽ ماڙا جي علائقن ۾ سونامي جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي. تحقيقات جي مطابق سونامي جون لهرون ويهن کان ٽيهن ميٽر تائين بلند ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ڪراچي، مڪران، گوادر ۽ پسني ۾ سمنڊي طوفان جو به خطرو آهي. آواران ۾ زلزلي کان بعد نيشنل انجنيئرنگ سروس ملڪي ۽ غيرملڪي جيولوجيڪل اعدادشمار جي مطابق نقشو تيار ڪيو آهي. نقشي ۾ حيدرآباد، ڪراچي، پسني، گوادر، گڊاني جي ساحلي پٽي جي هيٺيان 126 فالٽ لائنز جي نشانداهي ڪئي وئي آهي. جيولوجيڪل ڊيٽا جي مطابق آواران ۾ زلزلو سمنڊ ۾ راس ميلان فالٽ لائين ايڪٽو ٿيڻ جي ڪري آيو. فالٽ لائين ۾ وڌيڪ ڏار اچي رهيا آهن جڏهن ساحلي پٽي جي زمين جو هڪ حصو هيٺ ڌٻجي رهيو آهي هي عمل مسلسل جاري آهي 5 يه 9 جي شدد جا وڌيڪ زلزلا اچڻ ۽ سونامي جو خدشو آهي. ماهيرين جو چوڻ آهي سونامي جي صورت ۾ ڪراچي کان مڪران تائين ساحلي پٽي 7 ميٽر تائين پاڻي ۾ ڌٻجڻ جو خطرو آهي. نقشي ۾ پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ وڌيڪ جزيرا اڀرڻ جي نشانداهي ٿيل آهي. بلوچستان يونيورسٽي جي ماهرين ارضيات ڊاڪٽر دين محمد ۽ يورپي ماهرين جي تحقيق ۾ چيو آهي ته شديد سمنڊي طوفان به خطرو موجود آهي.

0 comments:

Post a Comment