پنجاب، ڪشمير،بلوچستان، گِلگت بلتستان ۽ پختونستان جا رهواسي پَنهنجا گھر، گھاٽ ۽ اَجھا ڇڏي گرمي توڙي سردي ۾ سنڌُ اچن ٿا ته روزگار مِلي يا ڪاروبار ڪري ڪُجھ ڏوڪَڙ ڪَمائي سگھجَنِ ۽ پنهنجن مارُن وارثن کي چوندا آهن ته اسين سنڌُ پيا وڃون ڄڻ ڪو سنڌُ هُنن لاءِ شارجه ۽ دُبئي هُجي.
وري اِنَ جي اُبتڙِ، اسان جا مقامي سنڌي ماڻهو، پنهنجي سونَ جھڙي قيمتي ڌرتي غيرَن جي حوالي ڇڏي ٻاهرين مُلڪ ويندا رهن ٿا، اُتي ڪُجھ سال مس ئي گُزاري سگھن ۽ واپس اچي ٺهڪو ٿا ڪَنِ... پوءِ به سنڌُ جھڙي ٺاٺ باٺ واري زندگي ڪونه ٿي ملي سگھين...!
۽ وري ڪرن ٿا هائي گھوڙاڙي...!
سِنڌي دوستو هاڻي ته ڪُجھ اِحۡساس ڪَيو، ٿورڙي زميداري کَڻو پاڻ به جاڳو پنهنجن پاڙي وارن کي به جاڳايو، ۽ يقين ڏياريون ته سنڌُ سموري سون آهي! منصورممتاز
0 comments:
Post a Comment