ملايشيا مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو يه وري هائي
جيڪ ڪيو ويو. پر هن ٽائيم تائين ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو. جهاز ۾ سوار مسافرن جي
فون تي ڪال وڃي رهي آهي پر ڪوئي ڪال ريسيو نه ٿي رهي آهي.
آج
نيوز جي مطابق ملايشين جهاز ايم ايڇ 370 سومر جي ڏينهن ڪولالمپور کان بيجنگ لاءِ
اُڏار ڪئي. پر بيجنگ پوچڻ جو وقت سوير ساڊا ڇهه هو ۽ جهاز کان رابطو 1.30 تي ڪٽجي
ويو.
جهاز جي حوالي پهرين معلومات فراهام ڪئي پئي وئي
ته جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو آهي جڏهن ته هي به خدشو ظآهر ڪيو وڃي ته هائي جيڪ به ٿي
سگهي ٿو.
جهاز ۾ سوار مسافرن جي مائٽن جڏهن پنهنجي پيارن
کي فون کال ڪيون ته فون نمبرن تي رنگون وڃي رهيون هون پر ڪوئي ڪال ڪون گهڻي رهيو
هو. متاثر خاندانن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس ان جي عزيزن جي صحيح پوزيشن
ٻڌائي سگهي ٿي.
متاثرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جهاز سمنڊ ۾ ڪري
پيو آهي ته فون ڪال ڪئين وڃي رهيون آهن. اڃ ويٽنام جي قريب لاپتا ٿيڻ واري جهاز کي
ڳولڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي. جنهن ۾ ست ملڪن جا هوائي جهاز ۽ 40 کان وڌيڪ بهري
جهاز شامل آهن.
پر اڃان تائين جهاز جي حوالي سان ڪوئي پڪي خبر
نه ملي سگهي آهي. جهاز ۾ 239 ماڻهن چهڙيل هوا.
ٻئي طرف ڪولوراڊو ۾ قائيم سيٽلائيٽ تصاوير سان
متعلق اداري ڊجيٽل گلوب چيو آهي انهي ٽوم نوڊ نامي پنهنجي انٽرنيٽ پليٽ فارم کي
متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. جئين ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي رکڻ وارا ماڻهو ملايشيا
جي لاپتا مسافرن جي تلاش ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
وائس آف آمريڪا جي مطابق ڪمپني جو چوڻ آهي ته
انٽرنيٽ جي غير معمولي ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي اداري فيصلو ڪيو آهي ته انهي مقام جي
تصاوير هڪ نئين ڪليڪشن پيش ڪندا جتي هي جهاز لاپتا ٿيو آهي. ڊجيٽل گلوب تمام ماڻهن
کي جيڪي وقت ڪڍي سگهن ٿا ۽ اسڪين ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هنن انن کي اپيل ڪئي آهي ته
هو ڪنهن سراغ تائين پهڇڻ لاءِ سمنڊ جي سطح جي تصويرن تي نگاه رکن.
گذريل اچر تي ڊجيٽل گلوب ٻين سيٽلائٽن ٿهائي ليڊ
جي خليج ۾ تقريبن 2003 مربع ڪلوميٽر جي علائقي جون تصويرون بڻايون جنهن جو رزولوشن
عام ڪمپيوٽر اسڪرين کان 20 سيني ميٽر وڏيو آهي.
هي تصويرون اداري جي پليٽ فارم
دستياب آهن Tomnod.com
ڊجيٽل گلوب گذريل سالن جي دوران قدرتي ۽ انساني
آفات جي وقت ٿيڻ واري تلاشي ۽ بچڻ واري ڪم ۾ شريڪ رهيو آهي. خصوصي طور تي پوئين
سال ٿيڻ واري هائيان نامي سمنڊي طوفان جي دوران فلپينز جي ڪيترائي حصا تباهه ٿي
ويا هئا.
نجي ملڪيت تي هلڻ واري ڪمپني سيٽلائيٽ چلائيندي
آهي. ۽ سرڪاري ۽ نجي صارفين جي هڪ وڏي تعداد کي سهولت فراهام ڪندي آهي جنهن ۾ ناسا
۽ گوگل به شامل آهن