سام سنگ ايس پنج موبائيل فون
بارسلونا؛ سمارٽ فون استعمال ڪرڻ وارا خوش ٿي
وڃن ڇوجو سام سنگ ڪمپني جي طرف کان گيلڪسي ايس پنج فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
انهي نئي موبائيل جي رونمائي اسپين جي شهر بارسلونا ۾ موبائيل ورلڊ ڪانفرنس ۾ ٿي.
هن فون کي پاڻي ۽ مٽي پروف بڻايو ويو آهي ۽ اسڪرين جي سائز 5.1 انچ آهي جيڪا ايس
چار کان ٿوري وڏي آهي. جڏهن ته 16 ميگا پڪسل جو ڪيمرو لڳايو ويو آهي جيڪو ايپل ۽
نوڪيا جي مقابلي ڪرڻ لاءِ لڳايل آهي. گليڪسي ايس چار ۾ 13 ميگا پڪسل ڪيمرا هو.
انهي فون سڀ خصوصيت هي آهي ته گيلڪسي ايس پنج جي پويان سينسر تي پنهنجي آنگر رکڻ
سان پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ معلوم ڪري سگهجي ٿي.
انهي
فون ۾ بيٽري پچائڻ لاءِ خاص اپشن رکيل آهي جيڪڏهن توهان ڪنهن سفر ۾ هجو چارجنگ ڪرڻ
مشقل هجي ته انهي صورت ۾ بيٽري سيونگ موڊ ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان موبائيل ڪارو ۽
اڇو ٿي ويندو ۽ کوڙ سارا اپشن به بند ٿي ويندا ۽ صرف 6 اپشن استعمال ٿي سگهندا.
0 comments:
Post a Comment