Sunday, 9 March 2014

دنيا جا امير ترين ماڻهون 

دولت مند هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ڪون آهي پر پنهنجي سرمائي کي وڌائندي وڌائندي آخر پنهنجو پاڻ کي دنيا جي امير ترين لسٽ ۾ شامل ڪرڻ هڪ ڪارنامو آهي. هر سال جي طرح هن ڀيري به جريدي فوربس دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. فوربس ميگزين جي هن نئين لسٽ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنلوجي جي اداري مائڪروسافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس کي هڪ دفعو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص قرار ڃڻايو ويو آهي.

Bill Gates
مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس دنيا جي امير ترين شخص جو اعزاز ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي. هي 76 ارب ڊالر جي ملڪيت جو مالڪ آهي. گذريل سالن جي دوران بل گيٽس 15 دفعو  اميرترين شخص جو اعزاز حاصل ڪيو آهي




Carlos Slim
ميڪسيڪن تاجر چار سالن کان دنيا جي امير ترين ماڻهن تسليم ٿئي ٿو. فوربس جي بليئر لسٽ جي مطابق هاڻي هي ٻئي نمبر تي آهي. ميڪسيڪن سوداگر جي دولت 72 بلين ڊالر مساوي آهي.


Amancio Ortega
فوربس جي لسٽ ۾ شامل ٽئين نمبر تي امير ترين شخص يورپي ملڪ اسپين سان تعلق رکندو آهي  ۽ هو ماڻهن ۽ ٻارن جون دلڪش ملبوسات بڻائڻ واري اداري زارا ملڪ آهي. سندس ملڪيت 64 بلين ڊالر آهي.




Warren Buffet
دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل هن لسٽ ۾ 4 پوزيشن تي امريڪي سرمايه ڪار وارن بافيٽ آهي. ۽ ان جي ملڪيت جي ماليت 58.2 بلين ڊالر آهي هي
  نامي مشهور ڪمپني جو مالڪ آهي.Berkshire Hathaway




0 comments:

Post a Comment