Monday, 31 March 2014
Saturday, 29 March 2014
پروسيسر؟
Posted by
Daharki Web
at
15:01
پروسيسر؟
ڪمپيوٽر جي اندر ٿيڻ وارن سب ڪمن جي نگراني پروسيسر ڪندو
آهي. پروسيسر کي CPU چيو وڃي ٿو جيڪو Center Processing Unit جو شارٽ فارم آهي. ان کي مائڪرو
پروسيسر به چيو وڃي ٿو. جنهن طرح انسان جي اندر هڪ دماغ هوندو آهي اهڙي طرح CPU به ڪمپيوٽر جو دماغ آهي.
پروسيسر جي چپ هڪ مربع انچ کان به گهٽ سائز جي هوندي آهي.
مدر بورڊ ۾ موجود هڪ ساڪٽ ۾ لڳندي آهي. پهريون ڪمياب پروسيسر انٽل 1979ع ۾ متعارف
ڪرايو هو جنهن کان بعد ان فيلڊ ۾ تمام بهترين ترقي ٿي آهي. پروسيسر جي سڄاڻ عمومن نمبر
سان ٿئي ٿي.
بائيوز ڇا آهي؟
Posted by
Daharki Web
at
01:00
BIOS (Basic Input/Output System
توهان جي مدربورڊ تي روم چپ ۾ هڪ پروگرام هوندو آهي. جئين توهان جو سسٽم
آن ٿيندو آهي بائيوز ان کي حدايت ڏيندو آهي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي. بائيوز آپريٽنگ
سسٽم معنيٰ ونڊوز وغيراه کان آزاد هوندو آهي.
ان جو مطلب توهان ڪو به آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪري سگهو ٿا. پنهنجي ونڊوز ۾
ڪهڙي به سيٽنگ رکي سگهو ٿا. بائيوز تي ان
جو ڪوبه اثر ۽ لوڊ نه پوندو آهي. بائيوز هڪ محدود حد تائين هارڊويئر جي فيچرز کي
ڪنٽرول ڪندو آهي ۽ سي پي يو ۽ ٻين ڊرائورن جي درميان رابطي جو ڪم سرانجام ڏيندو
آهي.
جيڪڏهن بائيوز جي ڪا غلط سيٽنگ ٿيل هجي ته ان جو اثر
هارڊويئر ڪنفيگريشن تي پوي ٿو. پوءِ ونڊوز ۾ جهڙي مرضي سيٽنگ رکجي ۽ معياري
ڊرائيور ڇو نه استعمال ڪجي پر هارڊويئر ۾ مسئلو براقرار رهندو. جيتري تائين بائيوز
جي سيٽنگ صحيح نه ٿي ڪئي وڃي. بائيوز جي سيٽنگ ونڊوز انسٽال ڪرڻ کان پهرين ڪئي وڃي
ڇو جو ان غير ضروري سروسز کان جان چٽي ويندي جيڪي سسٽم کي لوڊ ڪرڻ جي رفتار کي گهٽ ڪري ڇڏين ٿا.
BIOS POST SCREET
سسٽم پاور آن ٿيڻ سان گڏ بائيوزجو پهريو ڪم هي آهي Power-On-Self Test جنهن کي POST به چيو ويندو آهي.هي هڪڙو ننڍو
پروگرام آهي جيڪو تيزي سان سسٽم کي چيڪ ڪندو آهي ته سب ڪجهه ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي
يه نه. پوسٽ عام طور تي تمام تيزي سان ڪم ڪري ٿو توهان کي ان جو احسان ان وقت
ايندو هوندو جڏهن سسٽم ۾ ڪو Error
وغيراه ايندو هوندو. پوسٽ Error غير واضح ٿي سگهن ٿا. پر ان سان توهان کي اشارو
ضرور ملي ويندو آهي ته بائيوز سيٽنگ ۾ ڪٿي مسئلو آهي. پر زياده معلومات توهان کي
پنهنجي مدر بورڊ مان ملي وينديون آهي.
جيڪڏهن توهان وٽ ڪوئي پوسٽ Error پيغام اچي
ٿو ته چند گهڙين بعد سسٽم جي اسٽارٽ اپ اسڪرين ڏسڻ سان اتي مختلف بائيوز جي
لحاظ کان مختلف پيغام ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. مثال جي طور تي ڪو (بٽڻ) دٻائڻ سان توهان
بائيوز ۾ داخل ٿي سگهو ٿا. F2,
F12, Delete وغيراه.
BIOS SETTING
ان کان بعد جيڪڏهن بائيوز کي پاسورڊ ڏيڻو هجي ته پاس ورڊ به
ڏئي سگهو ٿا. جيڪڏهن ڀُلجي وڃي ته عام طور تي بورڊ ۾ سيل سان گڏ لڳل جمپرس کي ڪڍي
پاسو ورڊ ختم ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن توهان کي تجربو آهي ته بائيوز سيٽنگ ۾ داخل
ٿيڻ کان بعد کوڙ ساريون سيٽنگ سامهون اچي وڃن ٿيون جيڪي مختلف بورڊن ۾ مختلف هجن
ٿيو جنهن جو ذڪر ڪرڻ مشقل آهي. توهان پنهنجي بائيوز جي سيٽنگ گوگل کان حاصل ڪري
سگهو ٿا. سيٽنگ کي سمجهڻ ۽ ان کي بهتر بنائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو پر هي آسان
آهي ائين ڪرڻ به لازمي آهي. ٻئي صرت ۾ جيڪڏهن توهان ونڊوز ۾ ڪيتري به بهتري ڇو نه
ڪيو هي بائيوز جي سيٽنگ کي صحيح نه ٿي ڪري سگهي ان جي لاءِ توهان کي بائيوز مان
بائيوز جي سيٽنگ ڪرڻي پوندي.
BIOS UPDATE
بائيوز هڪ Rewritable
ROM chip ۾ انسٽال ڪيا وڃن ٿا. جنهن
جو مطلب ته ان کي اپڊيٽ ڪري سگهجي ٿو. مدر بورڊ بڻائڻ واريون ڪمپنويون اڪثر بائيوز
کي اپڊيٽ ڪنديون راهنديون آهن ان کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جيڪي پائداري ۽ ڪارڪردگي ۾
اضافو ڪن ٿا. ان ۾ نئوا فيچر انسٽال ڪندا آهن ۽ Bugs کي فڪس ڪن ٿا. بائيوزاپ ڊيٽ ڪرڻ کي آسان نه وٺو
جيڪڏهن ڪابه غلطي ٿي ته توهانجو سسٽم بوٽ ڪرڻ ڇڏي ويندو پوءِ بائيوز چپ تبديل ڪرڻي
پوندي
Firmware Update
توهان جو مدر بورڊ هڪ اڪيلي جاءِ نه آهي جتي بائيوز هجن ٿا.
پر تقريبن تمام ميجر اليڪٽرونڪ مثال ٽي وي ۽ ڊي وي ڊي پليئر ۾ به مخصوص اِن بلٽ
بائيوز چپ ٿين ٿيون. ان چپ کي عام طور تي فرم ويئر چيو وڃي ٿو ۽ درست طريقو
استعمال ڪيو وڃي ته تمام فرم ويئر کي به اپ ڊيٽ ڪري سگهجي ٿو.
Warning
بائيوز سسٽم جو هڪ لازمي حصو آهي ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ
لاءِ ۽ سيٽنگ کي سمجهڻ لاءِ وقت ضرور لڳي ٿو پر هي ڪمپيوٽر جي سٺي ڪارڪردگي لاءِ
لازمي آهي.پر جيڪڏهن توهان کي ان بابت تجربو نه آهي ته ان سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪيو ڪنهن
مسئلي جي صورت ۾ ايڪسپرٽ سان رابطو ڪيو
علي اڪبر شر (ڏهرڪي ويب)
Friday, 21 March 2014
گوگل سمارٽ گهڙي پوري دنيا جي ٻانهن ۾
Posted by
Daharki Web
at
00:58
ڪجهه ڏينهن پهرين گوگل پنهنجي انتهائي حيرت انگيز فيچر سان
ڀريل سمارٽ گهڙي متعارف ڪرائي جنهن ايپل کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي هو هن ريس ۾
پوئتي پوندي ڏيڪاري ڏئي رهيي آهي.
هي سمارٽ گهڙي چار ڪونڊي ۽ گول ٻنهي طرح جي ڊزائين ۾ دستياب آهي ۽ ٽچ اسڪرين
سان گڏ آواز سان
به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي.
گوگل جي اينڊورائيڊ انجنئرنگ جي سربراهه ڊيوڊ جو چوڻ آهي ته
گهڙيون وقت ٻڌائڻ جي لاءِ بهترين آهن، پر توهان تصور ڪيو ته جڏهن هي پنهنجي طريقي
سان تمام معلومات توهان کي ٻڌائين ته ان وقت هي ڪيتريون اهم ثابت ٿينديون خاص طور
اهڙي معلومات جنهن جي توهان کي ضرورت هجي.
اسان هن وقت گهڙيون بڻائڻ وارن فيشن برانڊس ۽ چپ بڻائڻ واري ڪمپنين سان ملي
ڪري ڪم ڪري رهيا آهيون.
گوگل جو چوڻ آهي ته سمارٽ گهڙين جي ايجاد پائڻ واري
ٽيڪنلوجي جي طرف هڪ واضح قدم آهي.
اينڊرائيڊ جي هڪ افسر سندر پئچائي جو چوڻ آهي ته اسان مان
گهٽ ماڻهو سمارٽ فون استعمال ڪون ڪرن ٿا.
هي طاقتور ڪمپيوٽر توهان کي دنيا سان جوڙي رکندو آهي ان سان
به جنهن سان توهان محبت ڪيو ٿا.
هي اپليڪيشنو ڪيترن قسمن جو هنديون جيڪي توهان کي اپڊيٽ
ڪنديون رهنديون جنهن ۾ توهان جي پسنديداه سوشل نيٽ ورڪ به شامل آهن. جنهن ۾ ايپ،
چيٽ، ايپ، شاپنگ ايپ نيوز، ۽ گهڻو ڪجهه شامل هوندو.
هن گهڙي ۾ جتي ٽچ اسڪرين جي خاصيت شامل آهي اتي هن کي توهان
آواز سان به ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا. هن گهڙي ۾ توهان پنهنجي صحت ۽ فٽنس کي به بهترين
ناموني سان ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.
ٻانهن ۾ پاتل هن گهڙي ۾ موجود فٽنس ايپس توهان جي
ڊوڙڻ، سائڪل هلائڻ يه وري پيدل هلڻ ٽين طرح جي ورزش ۾ توهان کي آگاهه ڪندي.
Thursday, 13 March 2014
آخر هي 3جي ڇا آهي؟
Posted by
Daharki Web
at
22:40
گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ ٿري جي لائسنس جي نيلامي جو ڳالهيون هلي رهيون آهن هاڻ تي حڪومت جي اعلان مطابق 3 جي سان گڏ 4 جي لائسنس به جاري ڪيو پيو وڃي. پر آخر هي 3 جي ۽ 4 جي آهي ڇا؟ ۽ ان ٽيڪنلوجي جي اچڻ سان پاڪستان جي عوام کي ڪهڙو فائدو ملندو.
3جي جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ پهرين هي سمجهجي ته اصل ۾ هي جي ڇا آهي؟ ان سان مراد موبائل ٽيڪنلوجي جنريشن آهي ٽاور ۾ لڳل سامان ۽ موبائل فون ٻئي شامل آهن. 1980 ۾ وائرليس موبائل ٽيڪنلوجي جي پهرين نسل متعارف ڪرائي وئي. 1جي ۾ اينالاگ ٽيڪنلوجي جو استعمال ڪيو ويو. ۽ هوا جي ذريعي صوتي پيغامات موڪلڻ جي سهولت سڀ کان پهرين جاپان ۾ فراهام ڪئي وئي.
1991 ۾ فن ليڊ ۾ 2جي ٽيڪنلوجي جو آغاز شروع ڪيو ويو ان ۾ ڊجيٽل سي ڊي ايم اي ۽ جي ايس ايم ۽ ٻيو موبائل ڪميونيڪيشن جي بناد رکي وئي.
2جي ۾ صاف آواز ڪال سان گڏ گڏ ايس ايم ايس، پيڪيجز ۽ ايم ايم ايس، جهڙيون سهولتن جو به آغاز ٿيو. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اڃ به موبائل ڪميونيڪيشن جي هي ٽيڪنلوجي استعمال ٿي رهي آهي.
بعد ۾ موبائل انٽرنيٽ جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏسندي تيز رفتار جي پي آر ايس ۽ عيج سروس متعارف ڪرايون ويون جنهن جي بدولت موبائل تي انٽرنيٽ جي زياداه رفتار حاصل ڪئي وئي. انهي کي عام طور تي 3جي ۽ 2جي جي درميان واري ٽيڪنلوجي طور ڄاڻيو وڃي ٿو ۽ ان جو نالو 2.5جي رکيو ويو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ عيج سروس دستاب آهي. ان وقت جي پي آر ايس سروس جي ذريعي صارفين کي 15 کان 20 ڪلو بائيٽ في سيڪنڊ جي رفتار فرهام ڪئي ويندي آهي.
1991 ۾ فن ليڊ ۾ 2جي ٽيڪنلوجي جو آغاز شروع ڪيو ويو ان ۾ ڊجيٽل سي ڊي ايم اي ۽ جي ايس ايم ۽ ٻيو موبائل ڪميونيڪيشن جي بناد رکي وئي.
2جي ۾ صاف آواز ڪال سان گڏ گڏ ايس ايم ايس، پيڪيجز ۽ ايم ايم ايس، جهڙيون سهولتن جو به آغاز ٿيو. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اڃ به موبائل ڪميونيڪيشن جي هي ٽيڪنلوجي استعمال ٿي رهي آهي.
بعد ۾ موبائل انٽرنيٽ جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏسندي تيز رفتار جي پي آر ايس ۽ عيج سروس متعارف ڪرايون ويون جنهن جي بدولت موبائل تي انٽرنيٽ جي زياداه رفتار حاصل ڪئي وئي. انهي کي عام طور تي 3جي ۽ 2جي جي درميان واري ٽيڪنلوجي طور ڄاڻيو وڃي ٿو ۽ ان جو نالو 2.5جي رکيو ويو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ عيج سروس دستاب آهي. ان وقت جي پي آر ايس سروس جي ذريعي صارفين کي 15 کان 20 ڪلو بائيٽ في سيڪنڊ جي رفتار فرهام ڪئي ويندي آهي.
3جي ٽيڪنلوجي جو آغاز 2001 جاپان ۾ ڪيو ويو. پراڻي
ٽيڪنلوجي جي مقابلي 3جي جي زياداه رفتار ٽرنسفر ۽ بهتر نيٽ ورڪ سروسز فرام ڪندي
آهي.
3جي جي ذريعي صارفين کي تيز رفتار براڊبينڊ انٽرنيٽ
فراهام ڪيو ويندو آهي. انهي ٽيڪنلوجي جي مدد سان موبائل فون تي ويڊيو اسٽريمنگ
لائيو ٽيلي ويزن ويڊيو ڪانفرنس تيز رفتار انٽرنيٽ برائوزنگ ۽ ڪيتريون سرويز حاصل
ٿي سگهن ٿيون. ايوو ۽ وائي ميڪس به دراصل 3جي ٽيڪنلوجون آهن.
3جي جي مدد سان صارفين کي 512 ڪي بي پي ايس کان
3.1 ايم بي پي ايس تائين انٽرنيٽ اسپيڊ فراهام ڪري سگهجي ٿي. يعني جيتري اسپيڊ پي
ٽي سي ايل جي ايوو سروس توهان کي فراهام ڪري رهي آهي توهان ايتري اسپيڊ پنهنجي
موبائل تي حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي مدد سان اسڪائپ وائبر ۽ ٻين سروس کي بنارڪاوٽ
استعمال ڪري سگهو ٿا.
هتي هي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته هن نئين موبائل
جنريشن جي لاءِ موبائل ٽاورس ۽ موبائل فون اپ گريڊ ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن توهان وٽ
3جي فون آهي ته توهان 4جي ٽيڪنلوجي استعمال نه ٿا ڪري سگهو. پر جيڪڏهن توهان وٽ
4جي فون جئين آئي فون ايس 5 يا گليڪسي ايس 4 آهي ته توهان ان کي صرف 4 جي نيٽ ورڪ
پر 3جي يه جي پي ايس سان گڏ به استعمال ڪري سگهو ٿا.
پاڪستان ۾ ان وقت موجوداه جي پي آر ايس ۽ نئي
اچڻ واري 3جي 4جي ٽيڪنلوجي ۾ انٽرنيٽ رفتار جو اندازو ان چارٽ ۾ ڏسي سگهو ٿا.
ان وقت 3جي سروس دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ 150 کان وڌيڪ
ملڪن ۾ موجود آهي پر 4جي سروس فرام ڪرڻ واري ملڪ ڪجهه آهن. پاڪستان ۾ ان وقت ٽئي
ٽيلي کام ڪمپنيون فوري طور تي 3جي سروس شروع ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
هتي هي
ڳالهه ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي ته نئي سروس کان صارفين کي فائدو ته پوچندو پر سروس
سستي نه هوندي. جهڙي طرح براڊبينڊ انٽرنيٽ پهرين ڪافي ميهنگي هوئي اهڙي طرح 3جي جي
پيڪيجز جا به ريٽ ڪافي زياداه هوندا.
Wednesday, 12 March 2014
گم ٿيل جهاز ۽ ماڻهن جا فون آن سيٽلائيٽ به مدد لاءِ ميدان ۾.
Posted by
Daharki Web
at
23:27
ملايشيا مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو يه وري هائي
جيڪ ڪيو ويو. پر هن ٽائيم تائين ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو. جهاز ۾ سوار مسافرن جي
فون تي ڪال وڃي رهي آهي پر ڪوئي ڪال ريسيو نه ٿي رهي آهي.
آج
نيوز جي مطابق ملايشين جهاز ايم ايڇ 370 سومر جي ڏينهن ڪولالمپور کان بيجنگ لاءِ
اُڏار ڪئي. پر بيجنگ پوچڻ جو وقت سوير ساڊا ڇهه هو ۽ جهاز کان رابطو 1.30 تي ڪٽجي
ويو.
جهاز جي حوالي پهرين معلومات فراهام ڪئي پئي وئي
ته جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو آهي جڏهن ته هي به خدشو ظآهر ڪيو وڃي ته هائي جيڪ به ٿي
سگهي ٿو.
جهاز ۾ سوار مسافرن جي مائٽن جڏهن پنهنجي پيارن
کي فون کال ڪيون ته فون نمبرن تي رنگون وڃي رهيون هون پر ڪوئي ڪال ڪون گهڻي رهيو
هو. متاثر خاندانن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس ان جي عزيزن جي صحيح پوزيشن
ٻڌائي سگهي ٿي.
متاثرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جهاز سمنڊ ۾ ڪري
پيو آهي ته فون ڪال ڪئين وڃي رهيون آهن. اڃ ويٽنام جي قريب لاپتا ٿيڻ واري جهاز کي
ڳولڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي. جنهن ۾ ست ملڪن جا هوائي جهاز ۽ 40 کان وڌيڪ بهري
جهاز شامل آهن.
پر اڃان تائين جهاز جي حوالي سان ڪوئي پڪي خبر
نه ملي سگهي آهي. جهاز ۾ 239 ماڻهن چهڙيل هوا.
ٻئي طرف ڪولوراڊو ۾ قائيم سيٽلائيٽ تصاوير سان
متعلق اداري ڊجيٽل گلوب چيو آهي انهي ٽوم نوڊ نامي پنهنجي انٽرنيٽ پليٽ فارم کي
متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. جئين ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي رکڻ وارا ماڻهو ملايشيا
جي لاپتا مسافرن جي تلاش ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
وائس آف آمريڪا جي مطابق ڪمپني جو چوڻ آهي ته
انٽرنيٽ جي غير معمولي ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي اداري فيصلو ڪيو آهي ته انهي مقام جي
تصاوير هڪ نئين ڪليڪشن پيش ڪندا جتي هي جهاز لاپتا ٿيو آهي. ڊجيٽل گلوب تمام ماڻهن
کي جيڪي وقت ڪڍي سگهن ٿا ۽ اسڪين ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هنن انن کي اپيل ڪئي آهي ته
هو ڪنهن سراغ تائين پهڇڻ لاءِ سمنڊ جي سطح جي تصويرن تي نگاه رکن.
گذريل اچر تي ڊجيٽل گلوب ٻين سيٽلائٽن ٿهائي ليڊ
جي خليج ۾ تقريبن 2003 مربع ڪلوميٽر جي علائقي جون تصويرون بڻايون جنهن جو رزولوشن
عام ڪمپيوٽر اسڪرين کان 20 سيني ميٽر وڏيو آهي.
هي تصويرون اداري جي پليٽ فارم
دستياب آهن Tomnod.com
ڊجيٽل گلوب گذريل سالن جي دوران قدرتي ۽ انساني
آفات جي وقت ٿيڻ واري تلاشي ۽ بچڻ واري ڪم ۾ شريڪ رهيو آهي. خصوصي طور تي پوئين
سال ٿيڻ واري هائيان نامي سمنڊي طوفان جي دوران فلپينز جي ڪيترائي حصا تباهه ٿي
ويا هئا.
نجي ملڪيت تي هلڻ واري ڪمپني سيٽلائيٽ چلائيندي
آهي. ۽ سرڪاري ۽ نجي صارفين جي هڪ وڏي تعداد کي سهولت فراهام ڪندي آهي جنهن ۾ ناسا
۽ گوگل به شامل آهن
Monday, 10 March 2014
ورلڊ وائڊ ويب جا گذريل 25 سال ڪئين هئا.
Posted by
Daharki Web
at
21:43
پهرين انٽرنيٽ جو آئڊيو 1950 ۾ امريڪي فوج پيش ڪيو هو پر عوام جي اڳيان ورلڊ
وائڊ ويب 25 سال پهرين يورپي سائنسدان کڻي آيو ورلڊ وائڊ ويب جي تاريخ تي هڪ نظر.
12 مارچ 1989ع ۾ برطانوي ڪمپيوٽر سائنسدان ٽم برنرز لي يورپي طبعياتي تجربه
گاهه ۽ تنظيم سيرن ۾ معلوماتي منيجمنٽ جي هڪ تجويز پيش ڪئي ان سان ورلڊ وائڊ ويب
جي بناد رکي وئي
سن 1993 ۾ موزيق نامي انٽرنيٽ برائوزر مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو ويو. موزيق هڪ
سال بعد نيٽس کيپ ڪمپني پهريون ڪمرشل برائوزر بڻيو.
1994ع ۾ چين کي پهريون انٽرنيٽ ڪنيڪشن مليو پر تمام مواد فلٽر ڪري پيش ڪيو
ويو. ان ساڳي سال وائٽ هائوس پنهنجي ويب سائيٽ
متعارف ڪرائي
1995ع ۾ مائڪرو سافٽ جي طرف کان انٽرنيٽ ايڪسپلورر ريليز ڪيو ويو جنهن کان بعد
نيٽ ڪيپ ۽ مائڪروسافٽ جي درميان برائوزر جنگ جو آغاز ٿيو پر ڪميابي مائڪروسافٽ کي
ملي.
انهي سال واپار جي آن لائين ويب اي بي لانچ ڪئي وئي.
1996ع ۾ فن ليڊ جي ڪمپني نوڪيا انٽرنيٽ سان گڏ پهريون موبائيل فون مارڪيٽ ۾
گهڻي آئي.
1998ع ۾ گوگل ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي
ڏسندي هن ڳولڻ واري ويب جي شمار دنيا جي بهترين ويب سائٽس ۾ ٿيڻ لڳو. انهي سال
امريڪي حڪومت انٽرنيٽ ڪارپوريشن ويب ڊومين جي نظام جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ جهلي
ورتو.
2000ع ۾ انٽرنيٽ وائرس آئي لو يو پوري دنيا ۾ لکن ڪمپيوٽرن کي متاثر ڪيو جنهن
۾ ڪيترائي ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. انهي واقعي کان پوءِ ان لائين سڪيورٽي مسئلو بڻي
وئي سامهون آئي.
2012ع ۾ انٽرنيٽ تي هڪ ٽريلين ڊالر جي
خريد فروخت ڪئي وئي جيڪو هڪ ريڪارڊ هوئي. انهي سال سوشل نيٽ ورک فيس بڪ استعمال
ڪرڻ وارن جو تعداد هڪ ارب تائين پوچي ويو. انهي ساک 89 رڪن ملڪن جي طرف کان هڪ
عالمي ٽيلي ڪام معائدي تي صحيح ٿي. ان اجلاس ۾ امريڪا تي انٽرنيٽ ڪنٽرول ڪرڻ جو
الزام سامهون آيو. امريڪا ۽ ٻين 55 ملڪن هن معائدي تي صحيح ڪون ڪئي.
Sunday, 9 March 2014
سام سنگ ايس پنج موبائيل فون
Posted by
Daharki Web
at
17:15

انهي
فون ۾ بيٽري پچائڻ لاءِ خاص اپشن رکيل آهي جيڪڏهن توهان ڪنهن سفر ۾ هجو چارجنگ ڪرڻ
مشقل هجي ته انهي صورت ۾ بيٽري سيونگ موڊ ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان موبائيل ڪارو ۽
اڇو ٿي ويندو ۽ کوڙ سارا اپشن به بند ٿي ويندا ۽ صرف 6 اپشن استعمال ٿي سگهندا.
دنيا جا امير ترين ماڻهون
Posted by
Daharki Web
at
14:34
دولت مند هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ڪون آهي پر پنهنجي سرمائي
کي وڌائندي وڌائندي آخر پنهنجو پاڻ کي دنيا جي امير ترين لسٽ ۾ شامل ڪرڻ هڪ
ڪارنامو آهي. هر سال جي طرح هن ڀيري به جريدي فوربس دنيا جي امير ترين ماڻهن جي
لسٽ جاري ڪئي آهي. فوربس ميگزين جي هن نئين لسٽ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنلوجي جي اداري
مائڪروسافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس کي هڪ دفعو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص قرار
ڃڻايو ويو آهي.
Bill Gates
مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس دنيا جي امير ترين شخص جو اعزاز
ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي. هي 76 ارب ڊالر جي ملڪيت جو مالڪ آهي. گذريل سالن جي
دوران بل گيٽس 15 دفعو اميرترين شخص جو
اعزاز حاصل ڪيو آهي
Carlos Slim
ميڪسيڪن تاجر چار سالن کان دنيا جي امير ترين ماڻهن تسليم
ٿئي ٿو. فوربس جي بليئر لسٽ جي مطابق هاڻي هي ٻئي نمبر تي آهي. ميڪسيڪن سوداگر جي
دولت 72 بلين ڊالر مساوي آهي.
Amancio Ortega
فوربس جي لسٽ ۾ شامل ٽئين نمبر تي امير ترين شخص يورپي ملڪ
اسپين سان تعلق رکندو آهي ۽ هو ماڻهن ۽
ٻارن جون دلڪش ملبوسات بڻائڻ واري اداري زارا ملڪ آهي. سندس ملڪيت 64 بلين ڊالر
آهي.
Warren Buffet
دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل هن لسٽ ۾ 4 پوزيشن تي
امريڪي سرمايه ڪار وارن بافيٽ آهي. ۽ ان جي ملڪيت جي ماليت 58.2 بلين ڊالر آهي هي
نامي مشهور ڪمپني جو مالڪ
آهي.Berkshire Hathaway
Saturday, 8 March 2014
وائي فائي ٽي وي ۽ ٽيبليٽ جي سهولت رڪشي ۾
Posted by
Daharki Web
at
21:14
ڇا توهان ڪڏهن اهڙو رڪشو ڏٺو آهي جنهن ۾ ٽي وي به هجي
ڪمپيوٽر به ۽ وائي فائي به. پر ڀارت جي شهر چنائي ۾ هڪ اهڙو حيرت انگيز رڪشو
مسافرن جي سهولت جي لاءِ دستياب آهي. انا دوري نامي شخص چنائي ۾ اهڙو رڪشو هلائي
رهيو آهي جنهن ۾ موبائيل چارچر ٽيبليٽ ۽ اخبار به دستياب آهي. هي رڪشو استاد طبي
عملي کي مفت ان جي منزل تائين پوڇائي ٿو. جڏهن ته ڪجهه پنهنجي آمدني جو حصو غريب
ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو. ٽي وي ۽ وائي فائي جهڙي جديد سهولت سان انهي
رڪشي جو ڊرائور مسافرن لاءِ انعامي قرآندانزي به ڪندو آهي
پاڪستان ۾ پهرين ڪارڊ ليس اي ٽي ايم سروس
Posted by
Daharki Web
at
21:08
بينڪ اسلامي پاڪستان لميٽڊ ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين ڪارڊ
ليس اي ٽي ايم سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن سان مالياتي شعبي جي ترقي ۾ نمايان
مدد ملندي بائيو ميٽرڪ اي ٽي ايم جي سهولت انتهائي اعتماد واري آهي ۽ هي شهري توڙي
ٻاهراڙي جي علائقن ۾ برابر جي فائدي مند آهي. آنگوٺي جي نشان سان هلڻ واري اي ٽي
ايم فراڊ يه ڌوڪي ۾ استعمال ڪون ٿي سگهندي ۽ ان سان صارفين جو سهولت ۾ اضافو
ٿيندو. بينڪ اسلامي پوري ملڪ جي 77 شهرن ۾ پنهنجي 201 برانچن ۾ ڪارڊ ليس اي ٽي ايم
مشين جي سهولت ڏيڻ جو سوچي رهي آهي.
Subscribe to:
Posts (Atom)