ڪمپيوٽر لفظ ڪمپيوٽ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ڳڻپ يا حساب ڪتاب، اهڙي طرح ڪمپيوٽر جي معنى آهي حساب ڪتاب ڪرڻ واري شئي۔ بنيادي طور تي ڪمپيوٽر جي ايجاد جو مقصد حساب ڪتاب ڪرڻ هو، اهو حساب ڪتاب عام انگن اکرن کان وٺي رياضيءَجي ڏکين شعبن جيئن ميٽرڪس، آلجبرا وغيره جي حساب ڪتاب تي مشتمل هو۔ پهرين جيڪي به ڪمپيوٽر هئا، اهي سائيز ۾ هڪ ڪمري جيترا هئا، جن جي اندر هزارن جي تعداد ۾ ايليڪٽرانڪ چپس لڳل هوندا هئا، پر انهن جن جي حساب ڪتاب ڪرڻ جي سگهه بلڪل گهٽ هئي ان کان علاوه انهن جي رفتار به تمام ٿوڙي هئي ۽ ڪنهن ننڍڙي غلطي جي صورت ۾ اهو حساب ڪتاب ٻيهر شروع کان ڪرڻو پوندو هو۔۔
آهستي آهستي اليڪٽرانڪس جي ترقي ۽ ماهرن جي ڪوششن جي ڪري جهڙي طرح ڪمپيوٽر جي سائيز گهٽ ٿيندي وئي اهڙي طرح ان جي رفتار ۽ حساب ڪتاب جي سگهه به وڌندي وئي ۽ ان ڪمپيوٽر مان حساب ڪتاب کان علاوه اسپريڊ شيٽ ، ڊاڪيومينٽ ٽائپنگ ۽ ٻيا ڪيترا ڪم وٺڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان ڪمپيوٽر جي اڄ صورت اوهان ڏسي رهيا آهيو جو ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر جي صورت ۾ هڪ ٽيبل جي سجاوٽ بڻجي چڪو آهي يا وري ليپ ٽاپ ۽ آئيپاڊ جي صورت ۾ هٿن ۾ پڻ سمائجي سگهي ٿو، پر ان جي رفتار ۽ سگهه به لاجواب آهي

0 comments:
Post a Comment