Wednesday, 31 July 2013

فلمن کان حقيقت تائين



ڊان جي سڃاڻپ ايڪشن فلمن کان شروع ٿي جنهن جو قردار شروع کان آخر تائين فلم ۾ رهندو آهي ۽ فلم جي پوري ڪهاني ڊان جي آس پاس هوندي آهي اڪثر فلمن ۾ ننڊا توڙي وڏا پوليس اهلڪار توڙي سياستدان  ڊان جي هيٺيان هوندا آهن. ان فلم ۾ هيرو جو ڪردار به هوندو آهي جيڪو فلم جو اهم حصو هوندو آهي جيڪو   فلم جي ختم ٿيڻ وقت ڊان کي نقصان پهچائيندو آهي پر ان فلم تي ڪروڙين رپيا هاڻ خرچ اچن ٿا جنهن جو بچيٽ فلم ٺاهيڻ کان پهرين ادا ڪيو وڃي ٿو ۽ فلم جي ڪميابي کان پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو شيئر ملي وڃي ٿو. پر ڏهرڪي نئين ڪوٽ ۾ پيدا ٿيندڙ حقيقت وارو امانت اُرف ڊان گولو جيڪو ڪروڙين رپيا عوام جا هيٺيان ڪيون ويٺو آهي ان جي آس پاس جيڪا ڪهاني هلي رهي آهي ان جو بجيٽ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي ۽ ان فلم ۾ ڪيترا ڪردار آهن ان جي خبر صرف ۽ صرف ڊان گولي جي خفيا سي ڊي ۾ موجود آهي جيڪو سرعام پنهنجو ڌنڌو هلائي رهيو آهي ان فلم جو هيرو ڪير ٿيندو يا هي فلم شاه رخ واري ڪهاني جو ٽيون پارٽ آهي جنهنجو جو انت ڊان جي ڪميابي تي ختم ٿئي ٿو ۽ ماڻهو ان ڏينهن کان ٻئي پارٽ جي اچڻ جو انظار ڪن ٿا. 

0 comments:

Post a Comment