Saturday, 20 July 2013

اچڻو آهين جي تون، آءُ، ڪيسين سانڍيان مان سوداء

اچڻو آهين جي تون، آءُ،
ڪيسين سانڍيان مان سوداءَ!

ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان،
تو کي ڪُهندو تنهنجو ڀاءُ!

جِيون پو به ڪري ٿو چونڊ،
توڙي ڏئي ٿو موت چتاءُ.

اندر سيخون، ڪوٽ ڪڙا،
ٻاهر ڪُونجون، هِير ــ هُڳاءُ،.

اونهاري جي اوجل باک،
آءُ، اڱڻ ۾ منهنجي آءُ!

او زندان جي ڪارِي ولهه!
تو ۾ آهيان آءُ اُلاءُ.

وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ!
گهايل ڄاڻي منهنجو گهاءُ.

مون کي ڪوئي ڪونه پَلي،
پيار نه ڄاڻي ٿو پڇتاءُ

0 comments:

Post a Comment