Sunday, 28 July 2013

ڏهرڪي کان نئي ڪوٽ تائين

ڏهرڪي ۾ آهستي آهستي ننڊا جوا جا اڏا بند ٿيڻ لڳن ٿا ٻاهراڙي جي علاقن ۾ امن ٿيڻ شروع ٿئي وڃي ٿو هي موسم وونڻ ۽ سارين جي پوکي جي آهي پر ڪٿي به مزدور نظر ڪون اچن ٿا جيڪڏهن ڪي مزدور آهن به ته انن کي مزدوري ٻيڻي ملي رهي هئي راهڪي لاءِ راهڪ زميندارن کي ڪون ملن پيا. اچانڪ ڏهرڪي مان ڪرڪٽ تي هلندڙ سٽا بلڪل ختم ٿي وڃن ٿا سانوڪرن جي راند تي هلندڙ جوا جو ڪاروبار بلڪل بند ٿي وڃي ٿو مزدورن جي مزدوري جا ريٽ وڌي ويا ڏهرڪي ۾ هڪ خاموشي واري مرڪ نظر اچي پئي ڃڻ ته ماڻهون ڪنهن جي انتظار ۾ هجن. پر مونکي اهيو ڏسي عجيب لڳو سچيم ته ڪا تبديلي ضرور آئي آهي علي قاضي واري تبديلي ته ڀٽ شاهه تي دم ڏئي وئي هوئي پر ڪجهه ته آهي ضرور آهي جو ماڻهون بدليل بدليل نظر اچي رهيا آهن سوچيو ته ٽي وي ته ڏسان متان پيپلس پارٽي نئو ڪو وڏو وزير مقرر ڪيو هجي پر ائين به ڪون هو وري جاچ ڪيم ته ڪو ايس ايس پي آيو هجي جنهن هي سڀ ڪجهه ختم ڪرايو هجي پر ائين به ڪون هو وري پتو ڪيم ته شايد اسان وارو ايم اين اي سردار علي گوهر مهر وونٽن کان پوءِ ڏهرڪي آيو هجي پر ائين به ڪون هو منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ سوچيم ته ٿورو آرام ڪيان آرام ڪرڻ لڳم ته رمضان جي ياد آئي جيڪو منهنجو دوست هو پو خيال آيو ته رمضان جو ڀلارو مينهنو آهي ان ڪري سڀ احترام ڪري رهيا آهن ۽ ائين ننڊ اچي وئي. اڃ آچر جو ڏينهن هو لکڻ ڪان ڪجهه هو ڪون ان ڪري جيڪا مونسان گذري سو لکي پنهنجي عادت پوري ڪئي

0 comments:

Post a Comment