Thursday, 28 November 2013

پاڪستان فلم انڊسٽري پاران 2014 ۾ رليز ٿيندڙ نئين فلم ( ڪراچي ) جو پهريون ٽريلر رليز ڪري ڇڏيو 


پاڪستان فلم انڊسٽري پاران 2014 ۾ رليز ٿيندڙ نئين فلم ( ڪراچي ) جو 
پهريون ٽريلر رليز ڪري ڇڏيو
فلم ايندڙ سال 2014 ۾ پاڪستان سنيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي

Karachi 2014 Official Trailer from Daharki Video on Vimeo.

The cast of the movie includes a list of veteran actors like Javed Sheikh, Ayesha Toor, Rashid Farooqi, Madiha Iftikhar, Shahroz Sabzwari, Agha Ali, Ali Sikandar, Sadia Sheikh, Ijaz Aslam, Adnan Jaffar and Tipu Adnan.
The film comes under the production of ‘Karachi Production’ and is produced by Ahtsham Khalid and Syed Afzal Ali.
Watch Karachi 2014 an Upcoming Pakistan Movie Film Official Trailer on Cybo Tainment Exclusively.


Sunday, 24 November 2013

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪيپ ٽائون جي گرائونڊ ۾ آفريڪا کي پهرين هڪ روزاه ميچ ۾ 23 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي  

 پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪيپ ٽائون جي گرائونڊ ۾ آفريڪا کي پهرين هڪ روزاه ميچ ۾ 23 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي ٽن ميچن واري هڪ روزاه ڪرڪيٽ سيريز ۾ 0 جي مقابلي 1 ميچ تان برتري حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو پاڪستان جي طرف کان فاسٽ بالر انور علي 43 رنز جڏهن ته بلاول ڀٽي 39 زنز اسڪور ڪيو. پاڪستان جي شرعاتي کيلاڙين ۾ احمد شهزاد 35 اسڪور ڪري سگهيو جڏهن ته مڊيل ۾ مقصود 22 ڪپتان مصباالحق 13 ۽ شاهد آفريدي 26 رنز اسڪور ڪري سگهيا. پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 218 رنز ڪيا جڏهن ته 9 ڪيلاڙي آئوٽ ٿيا. آفريڪا جي طرف کان ديلي اسٽين ۽ مورڪيل 3 3 کيلاڙي آئوٽ ڪيا ۽ ڪيلس 2 وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪمياب رهيو.
آفريڪا جي طرف کان ڪيلسِ 50 ڊومني 49 ۽ ڊي ڪوڪ 19 رنز بڻائي سگهيا آفريڪا جي طرف کان ڪا به ڊرگهي پارٽنرشپ نه بڻي سگهي پوري ٽيم 48.1 اوور ۾ 195 رنز بڻائي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي طرف کان بيلاول ڀٽي 3 جڏهن ته انور علي شعيد اجمل 2 2 وڪيٽ حاصل ڪيا
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 0 جي مقابلي 1 ميچ تان سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي  


Sunday, 17 November 2013

سچن ٽنڊولڪر کي ڀارت رتن سان نوازڻ جو اعلان 

ڀارت جي حڪومت ڇنڇر جي ڏينهن ماسٽر بلاسٽر سچن ٽنڊولڪر کي ملڪ جي سب کان اعلي شهري اعزاز ڀارت رتن سان نوازڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سچن ٽنڊولڪر هي اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون کيلاڙي هوندو.
سچن ٽنڊولڪر پنهنجي آخري ميچ ويسٽ انڊيز جي خلاف کيڏي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.
ممبئي جي اسٽيڊيم ۾ هن الوداعي تقرير ڪندي ماڻهن جو اکيو آليون ڪري ڇڏيو. پر حڪومت جي طرف کان رتن ايوارڊ ڏيڻ تي شائقين تمام خوش آهن.
ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراه اين شري نواسن سچن کي ڀارت رتن ڏيڻ چيو. هو ڀارت رتن ڏيڻ  جو صحيح حقدار آهي. مان ان کي دل سان مبارڪ باد ڏيان ٿو.
سچن ٽنڊولڪر تقريبن 24 سال ڪرڪيٽ جي حوالي ڪيا ۽ هو دنيا جو بهترين کيلاڙي رهيو.
سچن پنهنجي ڪريئر ۾ 200 ٽيسٽ ميچ کيڏيا ان ٽيسٽ ميچن ۾ 239 اننگز ۾ 53 ۽ 78 جي اوسط سان 15921 رنز اسڪور ڪيو.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ان جو سب کان زياداه اسڪور 248 رنز هو هن هي اسڪور بنگلاديش جي خلاف ڍاڪا ۾ بڻايو. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 51 سنچريون ۽ 68 نصف سنچريون شامل رهيون.
انهي طرح هڪ روزاه ڪرڪيٽ ۾ ڪُل 463 کيڏيا 452 اننگز ۾ 44 ۽ 83 جي اوسط سان 18426 رنز اسڪور ڪيو. ان ۾ 49 سنچريون ۽ 96 نصف سنچريون شامل آهن.

سچن ٽنڊولڪر کي ملڪ جي سب کان اعلي شهري جو اعزاز ڀارت رتن ڏيڻ جو مطالبو ڪجهه ارصي کان ڪيو پئي ويو. ان مطالبي ۾ ملڪ جي هر حلقي ۽ هر طبقي جا ماڻهون شامل هئا.
حڪومت ڪجهه ارصو پهرين قانون ۾ تبديلي ڪئي جنهن بعد کيلاڙين کي به ملڪ جو هي سب کا اعلي اعزاز ڏيڻ جو رستو آسان ٿي ويو هو.

وڻ ۽ ڇوڪرو 

قديم زماني ۾ هڪ صوف جو وڻ هوندو هو. ان وڻ سان گڏ هڪ ڇوڪري جو گهر هوندو هو. ان ڇوڪري کي روزانو ان وڻ وٽ اچڻ ۽ کيڏڻ سٺو لڳندو هو. هو ان وڻ تي مٿي چهڙي ويندو ۽ ان مان صوف پٽي کائي ويندو هو  ۽ ان جي سائي ۾ سمهي رهندو هو. ۽ ان طرح ان وڻ کي به سٺو لڳندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ ڇوڪرو وڏو ٿيندو ويو. هاڻ هو پهرين جي طرح ان وڻ وٽ روزانو کيڏڻ ڪون ايندو هو. هڪ ڏينهن هو نوجوان وڻ وٽ آيو ۽ مايوس لڳي رهيو هو. وڻ ان کي چيو اچ مونسان کيڏ. نوجوان جواب ڏنو هاڻي مان ٻار نه رهيو آهيان هاڻ مان وڻن جي آس پاس نه کيڏندو آهيان. مونکي ڪجهه رنديڪا گهرجن ۽ انن کي خريد ڪرڻ لاءِ مون وٽ پئسه ڪون آهن. وڻ جواب ڏنو مون وٽ پئسه ته ڪون آهن پر تون منهنجي مٿان جيڪي صوف لڳل آهن انن کي بازار ۾ وڪڻي پئسه حاصل ڪري سگهين ٿو. ڇوڪرو تمام خوش ٿيو ۽ ان وڻ ۾ لڳل سڀ صيب پٽي هليو ويو بعد ۾ واپس ڪون آيو ان تي وڻ تمام گهڻو مايوس ٿيو. هڪ ڏينهن وري هو نوجوان آيو ۽ هو جوان ٿي چوڪو هو وڻ تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين اچ مونسان کيڏ ان تي جوان چيو هاڻ مون وٽ کيڏڻ لاءِ وقت ڪون رهيو آهي منهنجي لاءِ ضروري آهي ته مان پنهنجي خاندان لاءِ ڪم ڪيان. اسان کي رهڻ لاءِ هڪ گهر جي ضرورت آهي ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهن ٿو. وڻ ان کي جواب ڏنو افسوس آهي ته مون وٽ ڪو گهر ڪون آهي. پر وري به تون منهنجون لامون ڪپي سگهين ٿو. ان همراه صف جي وڻ جون سڀ لامون ڪپي خوشي خوشي هليو ويو ۽ واپس ڪون آيو. وڻ وري تمام مايوس ٿيو ۽ تنهائي جو احساس ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن جڏهن تمام گهڻي گرمي هوئي ۽ اُس نڪتل هوئي همراهه وري واپس آيو.  ان کي وڻ ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ پنهنجي عادت کي برقرار رکندي هن کي چيو اچ مونسان کيڏ. همراهه چيو هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان ۽ چهيان ٿو سمنڊ جو سفر ڪيان ۽ خوشحال ٿي وڃان ڇا تون مونکي هڪ ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو وڻ چيو منهنجي ڪام مان تون ٻيڙي بڻائي سگهين ٿو جنهن سان تون وڏي سفر ڪري وٺندين. هن هو ڪام ڪٽي سمنڊر جي وڏي سفر تي هليو ويو ڪيترائي سال واپس ڪون آيو. سالن بعد هو جڏهن ان وڻ وٽ آيو ته وڻ هن کي چيو پٽ هاڻ مون وٽ تنهنجي لاءِ هڪ صوف به ڪون رهيو آهي جو توکي ڏئي سگهان. ان همراهه چيو خير آهي هاڻ مون وٽ ان کي کائڻ لاءِ ڌند به ڪون آهن. وڻ چيو منهنجون لڙهون ۽ ڪامون به ڪون رهيون آهن جو تون هن تي چهڙي سگهين. همراهه چيو هاڻ مون وٽ اها عمر به ڪون آهن جو مان چڙهي سگهان
ان همراهه جي اکين ۾ گوڙها اچي ويا. وڻ چيو حقيقت ۾ مون وٽ هاڻ توکي ڪجهه به نه ٿوڏئي سگها آخري چيز جيڪا مون وٽ آهي اهي منهنجون پاڙون آهن. ان همراهه چيو هاڻ مونکي زياداه چيزن جي ضرورت به نه رهي آهي هاڻ مونکي هڪ اهڙي جاءِ گهرجي ٿي جتي مان آرام ڪري سگها زندگي پوري ڪم ڪري ٿڪجي پيو آهيان وڻ جي منڊ ۾ ٽيڪ ڏئي آرام ڪرڻ سب کان بهترين جاءِ آهي. تڌهن وڻ هن کي چيو اچ مانسان گڏ ويهه ۽ آرام ڪر. همراهه خوش هو ۽ وڻ جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.
حقيقت ۾ هي وڻ والدين جي طرح هو جڏهن اسان ٻار هوندا آهيون ته اسان کي والدين سان کيڏڻ سٺو لڳندو آهي ۽ جڏهن اسان وڏا ٿيندا آهيون ته اسان انن کي ڇڏي هليا ويندا آهيون ۽ ان وقت واپس ايندا آهيون جڏهن اسان کي ڪنهن چيز جي ضرورت هوندي آهي. ڪجهه به ٿي وڃي والدين پنهنجي ٻارن کي قيمتي مان قيمتي چيزو ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ اوف تڪ نه ڪندا آهن.

Thursday, 14 November 2013

سچن ٽينڊولڪر جا عالمي ريڪارڊ 


هڪ روزاه بين الاقوامي مقابلن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سچن ٽينڊولڪر جي نالي کوڙ سارا ريڪارڊ آهن سچن سال 1989 ۾ پاڪستان جي خلاف پنهنجي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي شرعات ڪئي هوئي.
ان وقت کان اڃ ڏينهن تائين سچن جي بيٽ ڪيترائي ريڪارڊ ٽوڙيا ۽ بڻايا آهن. ون ڊي ۾ ٻه سو رنز جي اننگ هجي يه ٽيسٽ ۾ 50 کان وڌيڪ سينچريون سچن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هر طرح سوپر هيٽ رهيو آهي.
سچن ٽينڊولڪر ڪجهه اهم رڪارڊ
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان زياداه رنز
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان زياداه سينچريون
پنڌرانهن هزار ٽيسٽ رنز بڻائڻ وارو دنيا جو پهريون کيلاڙي
هڪ سال ۾ سڀ کان زياداه 6 دفعا هڪ 1000 رنس بڻائڻ وارو پهريون کيلاڙي
هڪ اننگ ۾ 150 يه ان کان زياداه رنز بڻائڻ وارو کيلاڙي
سڀ کان ڪم عمر ۾ ٽيسٽ سينچري بڻائڻ وارو پهريون کيلاڙي
سڀ کان زياداه ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ وارو ڀارتي کيلاڙي
غير ملڪي زمين تي سڀ کان زياداه سينچرون هڻڻ وارو کيلاڙي
سچن ان کيلاڙين جي لسٽ ۾ شامل آهي جنهن هر ملڪ جنهن خلاف سينچري ڪئي آهي جيڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏين ٿيو.

Wednesday, 13 November 2013

آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي 


آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
مصبالحق کان بعد پروفيسر جو پٽڪو به ڌوڙ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئينٽي سيريز ۾ هڪ ميچ تان برتري حاصل ڪري ورتي. 
مقرر 20 اوورن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين بئٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 98 رنس اسڪور ڪيو جڏهن ته عمراڪمل 41 بالن ۾ 4 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 49 رنس اسڪور ڪيو شعيب ملڪ 23 بالن ۾ 12 رنس اسڪور ڪيو آفريڪا جي طرف کان ڊيلئي ويليم ايسٽين 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
آفريڪا مقرر حدف 1 وڪيٽ جي نقصان تان 14.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو
آفريڪا جي طرف کان حاشم آملا جي واحد وڪيٽ وڃائڻ کان بعد ڊي ڪوڪ ۽ پليسز پاڪستان بالرن جو ڃمي ڪري مقابلو ڪيو. ڊي ڪوڪ 38 بالن ۾ 3 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 48 رنس تي ناٽ آئوٽ جڏهن ته پليسز 40 بالن ۾ 4 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 37 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو. آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

Tuesday, 12 November 2013

محمد يوسف سليڪشن ڪميٽي تي معذاق ڪندي 



آفريڪا آخري هڪ روزاه ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي 



ڊي ويليئرس جو آخري هڪ روزاه ميچ ۾ پاڪستاني بالرن کي ڪٽڪو رهيل حساب پاڪستان جي بئٽنگ پورو ڪري ڏنو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي پنج هڪ روزاه سيريز ۾ 1 جي مقابلي 4 ميچن تان شڪست آخري ٽين ميچن ۾ آفريڪا لڳاتار ڪميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. 

آخري ميچ ۾ آفريڪا پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنس اسڪور ڪيو جنهن ۾ آي بي ڊي ويليئرس 3 ڇڪن ۽ 10 ڇوڪن جي مدد سان 115 رنس اسڪور ڪيو.
پاڪستان جي طرف کان سعيد اجمل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ شعيب مقصود 53 رنس اسڪور ڪيا پاڪستان جي پوري ٽيم 151 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي آفريڪا جي طرف کان وي ڊي پرنيل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. آفريڪا سيريز 1 جي مقابلي 4 ميچن تان کٽي ورتي

Wednesday, 6 November 2013

حڪيم الله محسود جو تازو ويڊيو منظر عام تي اچي ويو 


حڪيم الله محسود جو تازو ويڊيو منظر عام تي اچي ويو جنهن ۾ هو ڊرون کي ڏسي پنهنجي ساٿين سان ڳالهه ٻوله ڪري رهيو آهي

Sunday, 3 November 2013

وڻ جي پوڃا 

هڪ شخص ڪجهه ماڻهن کي ڪنهن وڻ جي پوڃا ڪندي ڏٺو ته گهر اچي ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ گڏه تي چڙهي روانو ٿيو. رستي ۾ هن جي شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇڻ لڳو حضرت ڪيڏانهن وڃي رهيون آهين. همراهه ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو ته ماڻهون هڪ وڻ جي پوجا ڪري رهيا آهن ان کي ڪٽڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. 
شيطان چيو تو جهڙي ۾ ڇو ٿو پوڻ چاهين جيڪي مردود ان جي پوجا ڪن ٿا اهي پاڻ نيپائندا. اڳتي وڌندي وڌندي ٻنهي ۾ جهڙو ٿي پيو ۽ ٽي ڀيرا مارڪٽ ٿي همراه هر ڀيري هن کان ڪمياب ٿي ويو. شيطان سوچيو هي ائين قابو ۾ ڪون ايندو ڪا ٻئي چال سوچيان همراه کي چيان تو هن ڪم کي رهڻ ڏئي مان توکي چار ڌرم روزاني ڏيندم جيڪي صبح جي ٽائيم تنهنجي بستري جي هيٺيان ملندا. همراه راضي ٿي ويو گهر واپس هليو آيو هي سلسلو ڪجهه ڏينهن هليو ۽ چار ڌرم ملڻ بند ٿي ويا همراه ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو ۽ ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ روانو ٿي ويو. راستي ۾ ٻيهر شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇيو ڪيڏانهن ٿو وڃي همراه جواب ڏنو ان وڻ کي ڪٽڻ ٿو وڃان جنهن جي پوجا ٿيندي آهي. شيطان هن کي روڪيو پر همراه ڪون مڙيو شطان هن سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ همراه کي شڪست ٿي شيطان چوڻ لڳو هي ڪم تنهنجي وس جو ناهي ڇوجو پهرين تو الله جي رضا خاطر وڻ وڊڻ لاءِ وڃي رهيو هئين ۽ هاڻي چار ڌرم جي لاءِ ان لاءِ هاڻي تو مونکي شڪست نه ٿو ڏئي سگهين

مقدمو

پراڻي وقت جي ڳالهه آهي حسن نامي تاجر هڪ جوهري وٽ هڪ برتن امانت طور رکيو جنهن ۾ ماکي ڀريل هئي. برتن جي هيٺين ۽ مٿين حصي ۾ ماکي هوئي پر وچ واري حصي ۾ هڪ جاءِ هوئي جنهن ۾ اشرفيون ڀريل هون. پر حسن جوهري کي اشرفين جي باري ۾ ڪون ٻڌايو ۽ صرف ماکي جو چئي لمبي سفر تي هليو ويو. لمبي عرصي کان بعد واپس پنهنجي امانت واپس وٺڻ ويو جوهري ان جي امانت واپس ڪري ڏني. ۽ حسن جوهري جو شُکر ادا ڪيو پنهنجي امانت وٺي جڏهن گهر آيو جڏهن هن برتن کوليو ته برتن ۾ صرف ماکي هوئي. حسن تمام پريشان ٿي ويو تڪڙ ۾ جوهري کي سڀ حقيقت ٻڌايان پر جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته تون مون وٽ صرف ماکي جو برتن رکي وئين هوئين جيڪڏهن اشرفيون هئيون ته تون مونکي ٻڌائين ها. حسن وڌيڪ پريشان ٿيو ۽ پنهنجو فيصلو کڻي ڪوٽوال وٽ ويو ڪوٽوال جوهري کي پاڻ وٽ گهرايو پر جوهري اوتي به ساڳي ڳالهه ڪئي. جوهري جي ڳالهه ته صحيح هوئي پر ڪوٽوال کي حسن به ڪوڙو ڪون نظري رهيو هو. پر هو انن جو فيصلو قاضي صاحب ڏانهن کڻي ويو پر قاضي به هنن جو فيصلو ڪون ڪري سگهيو آخرڪار ڳالهه خليفي تائين وئي پر خليفي به ڳالهه پوري ٻڌي فيصلو جوهري جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو ته جوهري صحيح چئي رهيو آهي
جيڪڏهن اشرفيو هويون ته تون ان کي آگاه ڪرين ها. حسن مايوس ٿي هليو ويو. سڀ کي خبر هوئي تي حسن سچو آهي پر هن عجيب و غريب مقدمي جو فيصلو ڏکيو هو. 
ڪجهه ڏينهن گذريا خليفو پنهنجو لباس مٽائي پنهني عادت موجب شهر جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪتو هڪ جاءِ تي ڏسي ٻار کيڏي رهيا هئا جنهن ۾ هڪ ٻار خليفو بڻيو ويٺو هو. هڪ جوهري ته هڪ حسن. هو انهي مقدمي جي باري ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا خليفو روڪي ڪري ٻڌي رهيو هو. حسن پنهنجو مقدمو پش ڪيو جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ته خليفو بڻيل ٻار چيو ته شاهي حڪيم کي گهرايو وڃي هڪ ٻار شاهي حڪيم جي روپ ۾ آيو ته خليفو ٻڻيل ٻار چيو ماکي کي چيڪ ڪيو وڃي هي پراڻي آهي يه نئين شاهي حڪيم ماکي چکڻ کان بعد چيو هي ماکي تازاه آهي. خليفو ٻڻيل ٻار جوهري کي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيون واپس ڪر يه وري سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇو جو تون هن جو برتن کولي ماکي ڪڍي هوئي ۽ ان سان گڏ اشرفيون به ڪڍيون آهن
خليفو هي واقيو ڏسي تمام خوش ٿيو ۽ واپس درٻار ۾ اچي جوهري ۽ حسن کي گهرايو ۽ انهي طرح شاهي حڪيم کي گهرايو ۽ ماکي چکڻ لاءِ چيو شاهي حڪيم چيو ته هي ماکي تازاه آهي
جنهن تي خليفي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيو واپس ڪر يه سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇوجو تو ماکي سان گڏ حسن جون اشرفيون به ڪڍيون آهن. 
جوهوري تسليم ڪيو ۽ اشرفيون حسن کي واپس ڪيون ائين ٻارن جي ذهانت سان هڪ مشڪل مقدمي جو فيصلو ٿيو

سچائي جو انعام

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاه هو جنهن کي اولاد ڪون هو جڏهن هو پوڙهو ٿيو ته هن کي سوچ ورايو ته منهنجي تخت و تاج جو وارث ڪير ٿيندو؟ پر هڪ ڏينهن بادشاه اعلان ڪيو ته هو هڪ ٻار هنجهه وٺڻ چاهي ٿو جيڪو بعد ۾ تخت و تاج جو وارث ٿيندو. تمام ملڪن مان ڪجهه ٻار پسند ڪيا ويا ۽ هڪ شرط رکيو ويو ته هر هڪ ٻار کي هڪ ٻج ڏنو ويندو جنهن ٻار جي پوکيل ٻج مان خوبصورت گل ڦٽندو اهو بادشاه جو وارث ٿيندو. سونگ چن نامي هڪ ٻار هو جنهن به بادشاه کان هڪ ٻج ورتو ۽ گهر اچي گملي ۾ پوکي ڇڏيو ڪجهه هفته گذرڻ باوجود ان گملي ۾ ٻوٽو ظاهر ڪون ٿيو ۽ سونگ چن هڪ دفعو ٻيهر پري کان مٽي کڻي اچي گملي ۾ وڌي ۽ روزانو پاڻي ڏيڻ لڳو پر وري به هڪ ميهنو گذرڻ باوجود گملي ۾ ٻج ڪون ڦوٽو مقرر تاريخ تي سب ٻار بادشاه جي محل ۾ گڏ ٿيا سڀني جي هٿن ۾ خوبصورت گل هئا پر سونگ چن وٽ خالي گملو هو بادشاه جڏهن گل ڏسندو ڏسندو سونگ چن وٽ آيو ته سوال ڪيائين تو هي خالي گملو ڇو کڻي آيو آهين سونگ چن جواب ڏنو بادشاه سلامت مان تمام ڪوشش ڪئي پر توهان جو ڏنل ٻج هن گملي مان به ڦوٽو. ان تي بادشاهه سلامت جواب ڏنو ته مان سڀ ٻارن کي ٻج اٻريل ڏنو هو جيڪو بيڪار هو پر تو ان ۾ ڪمياب ٿي ويو آهي ٻين ٻارن خراب ٻج جي بدران سٺا ٻج پوکيا آهن ۽ تو غلط حرڪت ناهي ڪئي. سونگ چن کي سچائي جو انعام ملي ويو هو