قديم زماني ۾ هڪ صوف جو وڻ هوندو هو. ان وڻ سان
گڏ هڪ ڇوڪري جو گهر هوندو هو. ان ڇوڪري کي روزانو ان وڻ وٽ اچڻ ۽ کيڏڻ سٺو لڳندو
هو. هو ان وڻ تي مٿي چهڙي ويندو ۽ ان مان صوف پٽي کائي ويندو هو ۽ ان جي سائي ۾ سمهي رهندو هو. ۽ ان طرح ان وڻ
کي به سٺو لڳندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ ڇوڪرو وڏو ٿيندو ويو. هاڻ هو پهرين جي طرح
ان وڻ وٽ روزانو کيڏڻ ڪون ايندو هو. هڪ ڏينهن هو نوجوان وڻ وٽ آيو ۽ مايوس لڳي
رهيو هو. وڻ ان کي چيو اچ مونسان کيڏ. نوجوان جواب ڏنو هاڻي مان ٻار نه رهيو آهيان
هاڻ مان وڻن جي آس پاس نه کيڏندو آهيان. مونکي ڪجهه رنديڪا گهرجن ۽ انن کي خريد
ڪرڻ لاءِ مون وٽ پئسه ڪون آهن. وڻ جواب ڏنو مون وٽ پئسه ته ڪون آهن پر تون منهنجي
مٿان جيڪي صوف لڳل آهن انن کي بازار ۾ وڪڻي پئسه حاصل ڪري سگهين ٿو. ڇوڪرو تمام
خوش ٿيو ۽ ان وڻ ۾ لڳل سڀ صيب پٽي هليو ويو بعد ۾ واپس ڪون آيو ان تي وڻ تمام گهڻو
مايوس ٿيو. هڪ ڏينهن وري هو نوجوان آيو ۽ هو جوان ٿي چوڪو هو وڻ تمام گهڻو خوش ٿيو
۽ چيائين اچ مونسان کيڏ ان تي جوان چيو هاڻ مون وٽ کيڏڻ لاءِ وقت ڪون رهيو آهي
منهنجي لاءِ ضروري آهي ته مان پنهنجي خاندان لاءِ ڪم ڪيان. اسان کي رهڻ لاءِ هڪ
گهر جي ضرورت آهي ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهن ٿو. وڻ ان کي جواب ڏنو افسوس آهي ته
مون وٽ ڪو گهر ڪون آهي. پر وري به تون منهنجون لامون ڪپي سگهين ٿو. ان همراه صف جي
وڻ جون سڀ لامون ڪپي خوشي خوشي هليو ويو ۽ واپس ڪون آيو. وڻ وري تمام مايوس ٿيو ۽
تنهائي جو احساس ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن جڏهن تمام گهڻي گرمي هوئي ۽ اُس نڪتل هوئي
همراهه وري واپس آيو. ان کي وڻ ڏسي تمام
گهڻو خوش ٿيو ۽ پنهنجي عادت کي برقرار رکندي هن کي چيو اچ مونسان کيڏ. همراهه چيو
هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان ۽ چهيان ٿو سمنڊ جو سفر ڪيان ۽ خوشحال ٿي وڃان ڇا تون
مونکي هڪ ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو وڻ چيو منهنجي ڪام مان تون ٻيڙي بڻائي سگهين ٿو جنهن
سان تون وڏي سفر ڪري وٺندين. هن هو ڪام ڪٽي سمنڊر جي وڏي سفر تي هليو ويو ڪيترائي
سال واپس ڪون آيو. سالن بعد هو جڏهن ان وڻ وٽ آيو ته وڻ هن کي چيو پٽ هاڻ مون وٽ
تنهنجي لاءِ هڪ صوف به ڪون رهيو آهي جو توکي ڏئي سگهان. ان همراهه چيو خير آهي هاڻ
مون وٽ ان کي کائڻ لاءِ ڌند به ڪون آهن. وڻ چيو منهنجون لڙهون ۽ ڪامون به ڪون
رهيون آهن جو تون هن تي چهڙي سگهين. همراهه چيو هاڻ مون وٽ اها عمر به ڪون آهن جو
مان چڙهي سگهان
ان همراهه جي اکين ۾ گوڙها اچي ويا. وڻ چيو
حقيقت ۾ مون وٽ هاڻ توکي ڪجهه به نه ٿوڏئي سگها آخري چيز جيڪا مون وٽ آهي اهي
منهنجون پاڙون آهن. ان همراهه چيو هاڻ مونکي زياداه چيزن جي ضرورت به نه رهي آهي
هاڻ مونکي هڪ اهڙي جاءِ گهرجي ٿي جتي مان آرام ڪري سگها زندگي پوري ڪم ڪري ٿڪجي
پيو آهيان وڻ جي منڊ ۾ ٽيڪ ڏئي آرام ڪرڻ سب کان بهترين جاءِ آهي. تڌهن وڻ هن کي
چيو اچ مانسان گڏ ويهه ۽ آرام ڪر. همراهه خوش هو ۽ وڻ جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا
هئا.
حقيقت
۾ هي وڻ والدين جي طرح هو جڏهن اسان ٻار هوندا آهيون ته اسان کي والدين سان کيڏڻ
سٺو لڳندو آهي ۽ جڏهن اسان وڏا ٿيندا آهيون ته اسان انن کي ڇڏي هليا ويندا آهيون ۽
ان وقت واپس ايندا آهيون جڏهن اسان کي ڪنهن چيز جي ضرورت هوندي آهي. ڪجهه به ٿي
وڃي والدين پنهنجي ٻارن کي قيمتي مان قيمتي چيزو ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ اوف تڪ نه ڪندا
آهن.
0 comments:
Post a Comment