Sunday, 3 November 2013

وڻ جي پوڃا 

هڪ شخص ڪجهه ماڻهن کي ڪنهن وڻ جي پوڃا ڪندي ڏٺو ته گهر اچي ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ گڏه تي چڙهي روانو ٿيو. رستي ۾ هن جي شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇڻ لڳو حضرت ڪيڏانهن وڃي رهيون آهين. همراهه ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو ته ماڻهون هڪ وڻ جي پوجا ڪري رهيا آهن ان کي ڪٽڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. 
شيطان چيو تو جهڙي ۾ ڇو ٿو پوڻ چاهين جيڪي مردود ان جي پوجا ڪن ٿا اهي پاڻ نيپائندا. اڳتي وڌندي وڌندي ٻنهي ۾ جهڙو ٿي پيو ۽ ٽي ڀيرا مارڪٽ ٿي همراه هر ڀيري هن کان ڪمياب ٿي ويو. شيطان سوچيو هي ائين قابو ۾ ڪون ايندو ڪا ٻئي چال سوچيان همراه کي چيان تو هن ڪم کي رهڻ ڏئي مان توکي چار ڌرم روزاني ڏيندم جيڪي صبح جي ٽائيم تنهنجي بستري جي هيٺيان ملندا. همراه راضي ٿي ويو گهر واپس هليو آيو هي سلسلو ڪجهه ڏينهن هليو ۽ چار ڌرم ملڻ بند ٿي ويا همراه ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو ۽ ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ روانو ٿي ويو. راستي ۾ ٻيهر شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇيو ڪيڏانهن ٿو وڃي همراه جواب ڏنو ان وڻ کي ڪٽڻ ٿو وڃان جنهن جي پوجا ٿيندي آهي. شيطان هن کي روڪيو پر همراه ڪون مڙيو شطان هن سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ همراه کي شڪست ٿي شيطان چوڻ لڳو هي ڪم تنهنجي وس جو ناهي ڇوجو پهرين تو الله جي رضا خاطر وڻ وڊڻ لاءِ وڃي رهيو هئين ۽ هاڻي چار ڌرم جي لاءِ ان لاءِ هاڻي تو مونکي شڪست نه ٿو ڏئي سگهين

0 comments:

Post a Comment