آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
مصبالحق کان بعد پروفيسر جو پٽڪو به ڌوڙ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئينٽي سيريز ۾ هڪ ميچ تان برتري حاصل ڪري ورتي.
مقرر 20 اوورن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين بئٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 98 رنس اسڪور ڪيو جڏهن ته عمراڪمل 41 بالن ۾ 4 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 49 رنس اسڪور ڪيو شعيب ملڪ 23 بالن ۾ 12 رنس اسڪور ڪيو آفريڪا جي طرف کان ڊيلئي ويليم ايسٽين 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
آفريڪا مقرر حدف 1 وڪيٽ جي نقصان تان 14.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو
آفريڪا جي طرف کان حاشم آملا جي واحد وڪيٽ وڃائڻ کان بعد ڊي ڪوڪ ۽ پليسز پاڪستان بالرن جو ڃمي ڪري مقابلو ڪيو. ڊي ڪوڪ 38 بالن ۾ 3 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 48 رنس تي ناٽ آئوٽ جڏهن ته پليسز 40 بالن ۾ 4 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 37 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو. آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
0 comments:
Post a Comment