
سچن ٽنڊولڪر هي اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون کيلاڙي
هوندو.
سچن ٽنڊولڪر پنهنجي آخري ميچ ويسٽ انڊيز جي خلاف
کيڏي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.
ممبئي جي اسٽيڊيم ۾ هن الوداعي تقرير ڪندي ماڻهن
جو اکيو آليون ڪري ڇڏيو. پر حڪومت جي طرف کان رتن ايوارڊ ڏيڻ تي شائقين تمام خوش
آهن.
ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراه اين شري نواسن سچن کي
ڀارت رتن ڏيڻ چيو. هو ڀارت رتن ڏيڻ جو
صحيح حقدار آهي. مان ان کي دل سان مبارڪ باد ڏيان ٿو.
سچن ٽنڊولڪر تقريبن 24 سال ڪرڪيٽ جي حوالي ڪيا ۽
هو دنيا جو بهترين کيلاڙي رهيو.
سچن پنهنجي ڪريئر ۾ 200 ٽيسٽ ميچ کيڏيا ان ٽيسٽ
ميچن ۾ 239 اننگز ۾ 53 ۽ 78 جي اوسط سان 15921 رنز اسڪور ڪيو.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ان جو سب کان زياداه اسڪور 248 رنز
هو هن هي اسڪور بنگلاديش جي خلاف ڍاڪا ۾ بڻايو. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 51 سنچريون ۽ 68 نصف
سنچريون شامل رهيون.
انهي طرح هڪ روزاه ڪرڪيٽ ۾ ڪُل 463 کيڏيا 452
اننگز ۾ 44 ۽ 83 جي اوسط سان 18426 رنز اسڪور ڪيو. ان ۾ 49 سنچريون ۽ 96 نصف
سنچريون شامل آهن.
سچن ٽنڊولڪر کي ملڪ جي سب کان اعلي شهري جو
اعزاز ڀارت رتن ڏيڻ جو مطالبو ڪجهه ارصي کان ڪيو پئي ويو. ان مطالبي ۾ ملڪ جي هر
حلقي ۽ هر طبقي جا ماڻهون شامل هئا.
حڪومت
ڪجهه ارصو پهرين قانون ۾ تبديلي ڪئي جنهن بعد کيلاڙين کي به ملڪ جو هي سب کا اعلي
اعزاز ڏيڻ جو رستو آسان ٿي ويو هو.
0 comments:
Post a Comment