Monday, 9 December 2013
Saturday, 7 December 2013
Pakistan Idol 1st Episode on Geo Tv 6-December 2013 in High Quality Video
Posted by
Daharki Web
at
22:45
Pakistan Idol 1st Episode on Geo Tv 6-December 2013 in High Quality Video
Wednesday, 4 December 2013
افسوس اسان جي ماڻهن تي...!
Posted by
Daharki Web
at
23:00
پنجاب، ڪشمير،بلوچستان، گِلگت بلتستان ۽ پختونستان جا رهواسي پَنهنجا گھر، گھاٽ ۽ اَجھا ڇڏي گرمي توڙي سردي ۾ سنڌُ اچن ٿا ته روزگار مِلي يا ڪاروبار ڪري ڪُجھ ڏوڪَڙ ڪَمائي سگھجَنِ ۽ پنهنجن مارُن وارثن کي چوندا آهن ته اسين سنڌُ پيا وڃون ڄڻ ڪو سنڌُ هُنن لاءِ شارجه ۽ دُبئي هُجي.
وري اِنَ جي اُبتڙِ، اسان جا مقامي سنڌي ماڻهو، پنهنجي سونَ جھڙي قيمتي ڌرتي غيرَن جي حوالي ڇڏي ٻاهرين مُلڪ ويندا رهن ٿا، اُتي ڪُجھ سال مس ئي گُزاري سگھن ۽ واپس اچي ٺهڪو ٿا ڪَنِ... پوءِ به سنڌُ جھڙي ٺاٺ باٺ واري زندگي ڪونه ٿي ملي سگھين...!
۽ وري ڪرن ٿا هائي گھوڙاڙي...!
سِنڌي دوستو هاڻي ته ڪُجھ اِحۡساس ڪَيو، ٿورڙي زميداري کَڻو پاڻ به جاڳو پنهنجن پاڙي وارن کي به جاڳايو، ۽ يقين ڏياريون ته سنڌُ سموري سون آهي! منصورممتاز
سنڌ م پرديسي پکين جو شڪار وڌي ويو
Posted by
Daharki Web
at
22:51
پرديس
مان محبت ء امن جو سنيھو کڻي ايندڙ پکي جڏھن واپسيءَ بدران بي موت ماريو وڃي تہ ان
ديس جو ڪھڙو مثال قائم ٿيندو
ظلم جي حد تہ ڏسو، انسانيت جا وڏا رکوالا جڏھن پاڻ سنڌ ديس کي
محبت جي ڌرتي سڏين ٿا ء وري محبت جو قتلام بہ پنھنجي ھٿن سان پاڻ ڪن ٿا....صد
افسوس ٿو ٿي ھي تصويرون ڏسي
جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمین
رياض چانڊيو پرديسي پکين جي شڪار ڪندي
شهري حقن ۾ پاڪستان صرف شام، ڪانگو ۽ سوڊان کان بهتر آهي
Posted by
Daharki Web
at
22:47
برطانيه جي هڪ تجزياتي ادري جي تازاه رپورٽ ۾ ڃڻايو
ويو آهي ته پاڪستاني شهري بنيادي حقن کي سنگين خطرن جي لحاظ کان دنيا ۾ 4 نمبر تي
آهي. تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ روايتي انساني حقن جون خلاف ورزين جي علاواه هاڻي
فرقه وارانه ريوايتو انساني حقن جي لاءِ نئو خطرو بڻجي رهيون آهن
Monday, 2 December 2013
بلوچستان ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سونامي جو خطرو
Posted by
Daharki Web
at
22:42
ارضيات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ڪراچي، مڪران،
گوادر، پسني ۽ ماڙا جي علائقن ۾ سونامي جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي تباهي ٿي
سگهي ٿي. تحقيقات جي مطابق سونامي جون لهرون ويهن کان ٽيهن ميٽر تائين بلند ٿي
سگهن ٿيون جڏهن ته ڪراچي، مڪران، گوادر ۽ پسني ۾ سمنڊي طوفان جو به خطرو آهي.
آواران ۾ زلزلي کان بعد نيشنل انجنيئرنگ سروس ملڪي ۽ غيرملڪي جيولوجيڪل اعدادشمار
جي مطابق نقشو تيار ڪيو آهي. نقشي ۾ حيدرآباد، ڪراچي، پسني، گوادر، گڊاني جي ساحلي
پٽي جي هيٺيان 126 فالٽ لائنز جي نشانداهي ڪئي وئي آهي. جيولوجيڪل ڊيٽا جي مطابق
آواران ۾ زلزلو سمنڊ ۾ راس ميلان فالٽ لائين ايڪٽو ٿيڻ جي ڪري آيو. فالٽ لائين ۾
وڌيڪ ڏار اچي رهيا آهن جڏهن ساحلي پٽي جي زمين جو هڪ حصو هيٺ ڌٻجي رهيو آهي هي عمل
مسلسل جاري آهي 5 يه 9 جي شدد جا وڌيڪ زلزلا اچڻ ۽ سونامي جو خدشو آهي. ماهيرين جو
چوڻ آهي سونامي جي صورت ۾ ڪراچي کان مڪران تائين ساحلي پٽي 7 ميٽر تائين پاڻي ۾
ڌٻجڻ جو خطرو آهي. نقشي ۾ پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ وڌيڪ جزيرا اڀرڻ جي نشانداهي
ٿيل آهي. بلوچستان يونيورسٽي جي ماهرين ارضيات ڊاڪٽر دين محمد ۽ يورپي ماهرين جي
تحقيق ۾ چيو آهي ته شديد سمنڊي طوفان به خطرو موجود آهي.
Thursday, 28 November 2013
پاڪستان فلم انڊسٽري پاران 2014 ۾ رليز ٿيندڙ نئين فلم ( ڪراچي ) جو پهريون ٽريلر رليز ڪري ڇڏيو
Posted by
Daharki Web
at
22:39
پاڪستان فلم انڊسٽري پاران 2014 ۾ رليز ٿيندڙ نئين فلم ( ڪراچي ) جو
پهريون ٽريلر رليز ڪري ڇڏيو
فلم ايندڙ سال 2014 ۾ پاڪستان سنيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي
Karachi 2014 Official Trailer from Daharki Video on Vimeo.
The cast of the movie includes a list of veteran actors like Javed Sheikh, Ayesha Toor, Rashid Farooqi, Madiha Iftikhar, Shahroz Sabzwari, Agha Ali, Ali Sikandar, Sadia Sheikh, Ijaz Aslam, Adnan Jaffar and Tipu Adnan.
The film comes under the production of ‘Karachi Production’ and is produced by Ahtsham Khalid and Syed Afzal Ali.
Watch Karachi 2014 an Upcoming Pakistan Movie Film Official Trailer on Cybo Tainment Exclusively.
Sunday, 24 November 2013
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪيپ ٽائون جي گرائونڊ ۾ آفريڪا کي پهرين هڪ روزاه ميچ ۾ 23 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي
Posted by
Daharki Web
at
23:16
پاڪستان
ڪرڪيٽ ٽيم ڪيپ ٽائون جي گرائونڊ ۾ آفريڪا کي پهرين هڪ روزاه ميچ ۾ 23 رنز تان شڪست
ڏئي ڇڏي ٽن ميچن واري هڪ روزاه ڪرڪيٽ سيريز ۾ 0 جي مقابلي 1 ميچ تان برتري حاصل
ڪري ورتي.
پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو
پاڪستان جي طرف کان فاسٽ بالر انور علي 43 رنز جڏهن ته بلاول ڀٽي 39 زنز اسڪور
ڪيو. پاڪستان جي شرعاتي کيلاڙين ۾ احمد شهزاد 35 اسڪور ڪري سگهيو جڏهن ته مڊيل ۾
مقصود 22 ڪپتان مصباالحق 13 ۽ شاهد آفريدي 26 رنز اسڪور ڪري سگهيا. پاڪستان مقرر
50 اوورن ۾ 218 رنز ڪيا جڏهن ته 9 ڪيلاڙي آئوٽ ٿيا. آفريڪا جي طرف کان ديلي اسٽين
۽ مورڪيل 3 3 کيلاڙي آئوٽ ڪيا ۽ ڪيلس 2 وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪمياب رهيو.
آفريڪا جي طرف کان ڪيلسِ 50 ڊومني 49 ۽ ڊي ڪوڪ
19 رنز بڻائي سگهيا آفريڪا جي طرف کان ڪا به ڊرگهي پارٽنرشپ نه بڻي سگهي پوري ٽيم
48.1 اوور ۾ 195 رنز بڻائي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي طرف کان بيلاول ڀٽي 3 جڏهن
ته انور علي شعيد اجمل 2 2 وڪيٽ حاصل ڪيا
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 0 جي مقابلي 1 ميچ تان سيريز
۾ برتري حاصل ڪري ورتي
Sunday, 17 November 2013
سچن ٽنڊولڪر کي ڀارت رتن سان نوازڻ جو اعلان
Posted by
Daharki Web
at
23:04

سچن ٽنڊولڪر هي اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون کيلاڙي
هوندو.
سچن ٽنڊولڪر پنهنجي آخري ميچ ويسٽ انڊيز جي خلاف
کيڏي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.
ممبئي جي اسٽيڊيم ۾ هن الوداعي تقرير ڪندي ماڻهن
جو اکيو آليون ڪري ڇڏيو. پر حڪومت جي طرف کان رتن ايوارڊ ڏيڻ تي شائقين تمام خوش
آهن.
ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراه اين شري نواسن سچن کي
ڀارت رتن ڏيڻ چيو. هو ڀارت رتن ڏيڻ جو
صحيح حقدار آهي. مان ان کي دل سان مبارڪ باد ڏيان ٿو.
سچن ٽنڊولڪر تقريبن 24 سال ڪرڪيٽ جي حوالي ڪيا ۽
هو دنيا جو بهترين کيلاڙي رهيو.
سچن پنهنجي ڪريئر ۾ 200 ٽيسٽ ميچ کيڏيا ان ٽيسٽ
ميچن ۾ 239 اننگز ۾ 53 ۽ 78 جي اوسط سان 15921 رنز اسڪور ڪيو.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ان جو سب کان زياداه اسڪور 248 رنز
هو هن هي اسڪور بنگلاديش جي خلاف ڍاڪا ۾ بڻايو. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 51 سنچريون ۽ 68 نصف
سنچريون شامل رهيون.
انهي طرح هڪ روزاه ڪرڪيٽ ۾ ڪُل 463 کيڏيا 452
اننگز ۾ 44 ۽ 83 جي اوسط سان 18426 رنز اسڪور ڪيو. ان ۾ 49 سنچريون ۽ 96 نصف
سنچريون شامل آهن.
سچن ٽنڊولڪر کي ملڪ جي سب کان اعلي شهري جو
اعزاز ڀارت رتن ڏيڻ جو مطالبو ڪجهه ارصي کان ڪيو پئي ويو. ان مطالبي ۾ ملڪ جي هر
حلقي ۽ هر طبقي جا ماڻهون شامل هئا.
حڪومت
ڪجهه ارصو پهرين قانون ۾ تبديلي ڪئي جنهن بعد کيلاڙين کي به ملڪ جو هي سب کا اعلي
اعزاز ڏيڻ جو رستو آسان ٿي ويو هو.
وڻ ۽ ڇوڪرو
Posted by
Daharki Web
at
00:02
قديم زماني ۾ هڪ صوف جو وڻ هوندو هو. ان وڻ سان
گڏ هڪ ڇوڪري جو گهر هوندو هو. ان ڇوڪري کي روزانو ان وڻ وٽ اچڻ ۽ کيڏڻ سٺو لڳندو
هو. هو ان وڻ تي مٿي چهڙي ويندو ۽ ان مان صوف پٽي کائي ويندو هو ۽ ان جي سائي ۾ سمهي رهندو هو. ۽ ان طرح ان وڻ
کي به سٺو لڳندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ ڇوڪرو وڏو ٿيندو ويو. هاڻ هو پهرين جي طرح
ان وڻ وٽ روزانو کيڏڻ ڪون ايندو هو. هڪ ڏينهن هو نوجوان وڻ وٽ آيو ۽ مايوس لڳي
رهيو هو. وڻ ان کي چيو اچ مونسان کيڏ. نوجوان جواب ڏنو هاڻي مان ٻار نه رهيو آهيان
هاڻ مان وڻن جي آس پاس نه کيڏندو آهيان. مونکي ڪجهه رنديڪا گهرجن ۽ انن کي خريد
ڪرڻ لاءِ مون وٽ پئسه ڪون آهن. وڻ جواب ڏنو مون وٽ پئسه ته ڪون آهن پر تون منهنجي
مٿان جيڪي صوف لڳل آهن انن کي بازار ۾ وڪڻي پئسه حاصل ڪري سگهين ٿو. ڇوڪرو تمام
خوش ٿيو ۽ ان وڻ ۾ لڳل سڀ صيب پٽي هليو ويو بعد ۾ واپس ڪون آيو ان تي وڻ تمام گهڻو
مايوس ٿيو. هڪ ڏينهن وري هو نوجوان آيو ۽ هو جوان ٿي چوڪو هو وڻ تمام گهڻو خوش ٿيو
۽ چيائين اچ مونسان کيڏ ان تي جوان چيو هاڻ مون وٽ کيڏڻ لاءِ وقت ڪون رهيو آهي
منهنجي لاءِ ضروري آهي ته مان پنهنجي خاندان لاءِ ڪم ڪيان. اسان کي رهڻ لاءِ هڪ
گهر جي ضرورت آهي ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهن ٿو. وڻ ان کي جواب ڏنو افسوس آهي ته
مون وٽ ڪو گهر ڪون آهي. پر وري به تون منهنجون لامون ڪپي سگهين ٿو. ان همراه صف جي
وڻ جون سڀ لامون ڪپي خوشي خوشي هليو ويو ۽ واپس ڪون آيو. وڻ وري تمام مايوس ٿيو ۽
تنهائي جو احساس ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن جڏهن تمام گهڻي گرمي هوئي ۽ اُس نڪتل هوئي
همراهه وري واپس آيو. ان کي وڻ ڏسي تمام
گهڻو خوش ٿيو ۽ پنهنجي عادت کي برقرار رکندي هن کي چيو اچ مونسان کيڏ. همراهه چيو
هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان ۽ چهيان ٿو سمنڊ جو سفر ڪيان ۽ خوشحال ٿي وڃان ڇا تون
مونکي هڪ ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو وڻ چيو منهنجي ڪام مان تون ٻيڙي بڻائي سگهين ٿو جنهن
سان تون وڏي سفر ڪري وٺندين. هن هو ڪام ڪٽي سمنڊر جي وڏي سفر تي هليو ويو ڪيترائي
سال واپس ڪون آيو. سالن بعد هو جڏهن ان وڻ وٽ آيو ته وڻ هن کي چيو پٽ هاڻ مون وٽ
تنهنجي لاءِ هڪ صوف به ڪون رهيو آهي جو توکي ڏئي سگهان. ان همراهه چيو خير آهي هاڻ
مون وٽ ان کي کائڻ لاءِ ڌند به ڪون آهن. وڻ چيو منهنجون لڙهون ۽ ڪامون به ڪون
رهيون آهن جو تون هن تي چهڙي سگهين. همراهه چيو هاڻ مون وٽ اها عمر به ڪون آهن جو
مان چڙهي سگهان
ان همراهه جي اکين ۾ گوڙها اچي ويا. وڻ چيو
حقيقت ۾ مون وٽ هاڻ توکي ڪجهه به نه ٿوڏئي سگها آخري چيز جيڪا مون وٽ آهي اهي
منهنجون پاڙون آهن. ان همراهه چيو هاڻ مونکي زياداه چيزن جي ضرورت به نه رهي آهي
هاڻ مونکي هڪ اهڙي جاءِ گهرجي ٿي جتي مان آرام ڪري سگها زندگي پوري ڪم ڪري ٿڪجي
پيو آهيان وڻ جي منڊ ۾ ٽيڪ ڏئي آرام ڪرڻ سب کان بهترين جاءِ آهي. تڌهن وڻ هن کي
چيو اچ مانسان گڏ ويهه ۽ آرام ڪر. همراهه خوش هو ۽ وڻ جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا
هئا.
حقيقت
۾ هي وڻ والدين جي طرح هو جڏهن اسان ٻار هوندا آهيون ته اسان کي والدين سان کيڏڻ
سٺو لڳندو آهي ۽ جڏهن اسان وڏا ٿيندا آهيون ته اسان انن کي ڇڏي هليا ويندا آهيون ۽
ان وقت واپس ايندا آهيون جڏهن اسان کي ڪنهن چيز جي ضرورت هوندي آهي. ڪجهه به ٿي
وڃي والدين پنهنجي ٻارن کي قيمتي مان قيمتي چيزو ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ اوف تڪ نه ڪندا
آهن.
Thursday, 14 November 2013
سچن ٽينڊولڪر جا عالمي ريڪارڊ
Posted by
Daharki Web
at
16:05

ان وقت کان اڃ ڏينهن تائين سچن جي بيٽ ڪيترائي
ريڪارڊ ٽوڙيا ۽ بڻايا آهن. ون ڊي ۾ ٻه سو رنز جي اننگ هجي يه ٽيسٽ ۾ 50 کان وڌيڪ
سينچريون سچن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هر طرح سوپر هيٽ رهيو آهي.
سچن ٽينڊولڪر ڪجهه اهم رڪارڊ
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان زياداه رنز
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان زياداه سينچريون
پنڌرانهن هزار ٽيسٽ رنز بڻائڻ وارو دنيا جو
پهريون کيلاڙي
هڪ سال ۾ سڀ کان زياداه 6 دفعا هڪ 1000 رنس
بڻائڻ وارو پهريون کيلاڙي
هڪ اننگ ۾ 150 يه ان کان زياداه رنز بڻائڻ وارو
کيلاڙي
سڀ کان ڪم عمر ۾ ٽيسٽ سينچري بڻائڻ وارو پهريون
کيلاڙي
سڀ کان زياداه ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ وارو ڀارتي
کيلاڙي
غير ملڪي زمين تي سڀ کان زياداه سينچرون هڻڻ
وارو کيلاڙي
سچن ان کيلاڙين جي لسٽ ۾ شامل آهي جنهن هر ملڪ
جنهن خلاف سينچري ڪئي آهي جيڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏين ٿيو.
Wednesday, 13 November 2013
آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
Posted by
Daharki Web
at
23:50
آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
مصبالحق کان بعد پروفيسر جو پٽڪو به ڌوڙ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئينٽي سيريز ۾ هڪ ميچ تان برتري حاصل ڪري ورتي.
مقرر 20 اوورن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين بئٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 98 رنس اسڪور ڪيو جڏهن ته عمراڪمل 41 بالن ۾ 4 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 49 رنس اسڪور ڪيو شعيب ملڪ 23 بالن ۾ 12 رنس اسڪور ڪيو آفريڪا جي طرف کان ڊيلئي ويليم ايسٽين 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
آفريڪا مقرر حدف 1 وڪيٽ جي نقصان تان 14.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو
آفريڪا جي طرف کان حاشم آملا جي واحد وڪيٽ وڃائڻ کان بعد ڊي ڪوڪ ۽ پليسز پاڪستان بالرن جو ڃمي ڪري مقابلو ڪيو. ڊي ڪوڪ 38 بالن ۾ 3 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 48 رنس تي ناٽ آئوٽ جڏهن ته پليسز 40 بالن ۾ 4 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 37 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو. آفريڪا پهرين ٽي ٽوئينٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
Tuesday, 12 November 2013
آفريڪا آخري هڪ روزاه ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي
Posted by
Daharki Web
at
20:27
ڊي ويليئرس جو آخري هڪ روزاه ميچ ۾ پاڪستاني بالرن کي ڪٽڪو رهيل حساب پاڪستان جي بئٽنگ پورو ڪري ڏنو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي پنج هڪ روزاه سيريز ۾ 1 جي مقابلي 4 ميچن تان شڪست آخري ٽين ميچن ۾ آفريڪا لڳاتار ڪميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
آخري ميچ ۾ آفريڪا پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنس اسڪور ڪيو جنهن ۾ آي بي ڊي ويليئرس 3 ڇڪن ۽ 10 ڇوڪن جي مدد سان 115 رنس اسڪور ڪيو.
پاڪستان جي طرف کان سعيد اجمل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ شعيب مقصود 53 رنس اسڪور ڪيا پاڪستان جي پوري ٽيم 151 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي آفريڪا جي طرف کان وي ڊي پرنيل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. آفريڪا سيريز 1 جي مقابلي 4 ميچن تان کٽي ورتي
Wednesday, 6 November 2013
حڪيم الله محسود جو تازو ويڊيو منظر عام تي اچي ويو
Posted by
Daharki Web
at
20:27
حڪيم الله محسود جو تازو ويڊيو منظر عام تي اچي ويو جنهن ۾ هو ڊرون کي ڏسي پنهنجي ساٿين سان ڳالهه ٻوله ڪري رهيو آهي
Sunday, 3 November 2013
وڻ جي پوڃا
Posted by
Daharki Web
at
21:48
هڪ شخص ڪجهه ماڻهن کي ڪنهن وڻ جي پوڃا ڪندي ڏٺو ته گهر اچي ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ گڏه تي چڙهي روانو ٿيو. رستي ۾ هن جي شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇڻ لڳو حضرت ڪيڏانهن وڃي رهيون آهين. همراهه ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو ته ماڻهون هڪ وڻ جي پوجا ڪري رهيا آهن ان کي ڪٽڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.
شيطان چيو تو جهڙي ۾ ڇو ٿو پوڻ چاهين جيڪي مردود ان جي پوجا ڪن ٿا اهي پاڻ نيپائندا. اڳتي وڌندي وڌندي ٻنهي ۾ جهڙو ٿي پيو ۽ ٽي ڀيرا مارڪٽ ٿي همراه هر ڀيري هن کان ڪمياب ٿي ويو. شيطان سوچيو هي ائين قابو ۾ ڪون ايندو ڪا ٻئي چال سوچيان همراه کي چيان تو هن ڪم کي رهڻ ڏئي مان توکي چار ڌرم روزاني ڏيندم جيڪي صبح جي ٽائيم تنهنجي بستري جي هيٺيان ملندا. همراه راضي ٿي ويو گهر واپس هليو آيو هي سلسلو ڪجهه ڏينهن هليو ۽ چار ڌرم ملڻ بند ٿي ويا همراه ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو ۽ ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ روانو ٿي ويو. راستي ۾ ٻيهر شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇيو ڪيڏانهن ٿو وڃي همراه جواب ڏنو ان وڻ کي ڪٽڻ ٿو وڃان جنهن جي پوجا ٿيندي آهي. شيطان هن کي روڪيو پر همراه ڪون مڙيو شطان هن سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ همراه کي شڪست ٿي شيطان چوڻ لڳو هي ڪم تنهنجي وس جو ناهي ڇوجو پهرين تو الله جي رضا خاطر وڻ وڊڻ لاءِ وڃي رهيو هئين ۽ هاڻي چار ڌرم جي لاءِ ان لاءِ هاڻي تو مونکي شڪست نه ٿو ڏئي سگهين
شيطان چيو تو جهڙي ۾ ڇو ٿو پوڻ چاهين جيڪي مردود ان جي پوجا ڪن ٿا اهي پاڻ نيپائندا. اڳتي وڌندي وڌندي ٻنهي ۾ جهڙو ٿي پيو ۽ ٽي ڀيرا مارڪٽ ٿي همراه هر ڀيري هن کان ڪمياب ٿي ويو. شيطان سوچيو هي ائين قابو ۾ ڪون ايندو ڪا ٻئي چال سوچيان همراه کي چيان تو هن ڪم کي رهڻ ڏئي مان توکي چار ڌرم روزاني ڏيندم جيڪي صبح جي ٽائيم تنهنجي بستري جي هيٺيان ملندا. همراه راضي ٿي ويو گهر واپس هليو آيو هي سلسلو ڪجهه ڏينهن هليو ۽ چار ڌرم ملڻ بند ٿي ويا همراه ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو ۽ ڪهاڙي کڻي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ روانو ٿي ويو. راستي ۾ ٻيهر شيطان سان ملاقات ٿي شيطان پڇيو ڪيڏانهن ٿو وڃي همراه جواب ڏنو ان وڻ کي ڪٽڻ ٿو وڃان جنهن جي پوجا ٿيندي آهي. شيطان هن کي روڪيو پر همراه ڪون مڙيو شطان هن سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ همراه کي شڪست ٿي شيطان چوڻ لڳو هي ڪم تنهنجي وس جو ناهي ڇوجو پهرين تو الله جي رضا خاطر وڻ وڊڻ لاءِ وڃي رهيو هئين ۽ هاڻي چار ڌرم جي لاءِ ان لاءِ هاڻي تو مونکي شڪست نه ٿو ڏئي سگهين
مقدمو
Posted by
Daharki Web
at
21:45
پراڻي وقت جي ڳالهه آهي حسن نامي تاجر هڪ جوهري وٽ هڪ برتن امانت طور رکيو جنهن ۾ ماکي ڀريل هئي. برتن جي هيٺين ۽ مٿين حصي ۾ ماکي هوئي پر وچ واري حصي ۾ هڪ جاءِ هوئي جنهن ۾ اشرفيون ڀريل هون. پر حسن جوهري کي اشرفين جي باري ۾ ڪون ٻڌايو ۽ صرف ماکي جو چئي لمبي سفر تي هليو ويو. لمبي عرصي کان بعد واپس پنهنجي امانت واپس وٺڻ ويو جوهري ان جي امانت واپس ڪري ڏني. ۽ حسن جوهري جو شُکر ادا ڪيو پنهنجي امانت وٺي جڏهن گهر آيو جڏهن هن برتن کوليو ته برتن ۾ صرف ماکي هوئي. حسن تمام پريشان ٿي ويو تڪڙ ۾ جوهري کي سڀ حقيقت ٻڌايان پر جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته تون مون وٽ صرف ماکي جو برتن رکي وئين هوئين جيڪڏهن اشرفيون هئيون ته تون مونکي ٻڌائين ها. حسن وڌيڪ پريشان ٿيو ۽ پنهنجو فيصلو کڻي ڪوٽوال وٽ ويو ڪوٽوال جوهري کي پاڻ وٽ گهرايو پر جوهري اوتي به ساڳي ڳالهه ڪئي. جوهري جي ڳالهه ته صحيح هوئي پر ڪوٽوال کي حسن به ڪوڙو ڪون نظري رهيو هو. پر هو انن جو فيصلو قاضي صاحب ڏانهن کڻي ويو پر قاضي به هنن جو فيصلو ڪون ڪري سگهيو آخرڪار ڳالهه خليفي تائين وئي پر خليفي به ڳالهه پوري ٻڌي فيصلو جوهري جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو ته جوهري صحيح چئي رهيو آهي
جيڪڏهن اشرفيو هويون ته تون ان کي آگاه ڪرين ها. حسن مايوس ٿي هليو ويو. سڀ کي خبر هوئي تي حسن سچو آهي پر هن عجيب و غريب مقدمي جو فيصلو ڏکيو هو.
ڪجهه ڏينهن گذريا خليفو پنهنجو لباس مٽائي پنهني عادت موجب شهر جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪتو هڪ جاءِ تي ڏسي ٻار کيڏي رهيا هئا جنهن ۾ هڪ ٻار خليفو بڻيو ويٺو هو. هڪ جوهري ته هڪ حسن. هو انهي مقدمي جي باري ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا خليفو روڪي ڪري ٻڌي رهيو هو. حسن پنهنجو مقدمو پش ڪيو جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ته خليفو بڻيل ٻار چيو ته شاهي حڪيم کي گهرايو وڃي هڪ ٻار شاهي حڪيم جي روپ ۾ آيو ته خليفو ٻڻيل ٻار چيو ماکي کي چيڪ ڪيو وڃي هي پراڻي آهي يه نئين شاهي حڪيم ماکي چکڻ کان بعد چيو هي ماکي تازاه آهي. خليفو ٻڻيل ٻار جوهري کي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيون واپس ڪر يه وري سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇو جو تون هن جو برتن کولي ماکي ڪڍي هوئي ۽ ان سان گڏ اشرفيون به ڪڍيون آهن
خليفو هي واقيو ڏسي تمام خوش ٿيو ۽ واپس درٻار ۾ اچي جوهري ۽ حسن کي گهرايو ۽ انهي طرح شاهي حڪيم کي گهرايو ۽ ماکي چکڻ لاءِ چيو شاهي حڪيم چيو ته هي ماکي تازاه آهي
جنهن تي خليفي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيو واپس ڪر يه سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇوجو تو ماکي سان گڏ حسن جون اشرفيون به ڪڍيون آهن.
جوهوري تسليم ڪيو ۽ اشرفيون حسن کي واپس ڪيون ائين ٻارن جي ذهانت سان هڪ مشڪل مقدمي جو فيصلو ٿيو
جيڪڏهن اشرفيو هويون ته تون ان کي آگاه ڪرين ها. حسن مايوس ٿي هليو ويو. سڀ کي خبر هوئي تي حسن سچو آهي پر هن عجيب و غريب مقدمي جو فيصلو ڏکيو هو.
ڪجهه ڏينهن گذريا خليفو پنهنجو لباس مٽائي پنهني عادت موجب شهر جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪتو هڪ جاءِ تي ڏسي ٻار کيڏي رهيا هئا جنهن ۾ هڪ ٻار خليفو بڻيو ويٺو هو. هڪ جوهري ته هڪ حسن. هو انهي مقدمي جي باري ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا خليفو روڪي ڪري ٻڌي رهيو هو. حسن پنهنجو مقدمو پش ڪيو جوهري مڃڻ کان انڪار ڪيو ته خليفو بڻيل ٻار چيو ته شاهي حڪيم کي گهرايو وڃي هڪ ٻار شاهي حڪيم جي روپ ۾ آيو ته خليفو ٻڻيل ٻار چيو ماکي کي چيڪ ڪيو وڃي هي پراڻي آهي يه نئين شاهي حڪيم ماکي چکڻ کان بعد چيو هي ماکي تازاه آهي. خليفو ٻڻيل ٻار جوهري کي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيون واپس ڪر يه وري سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇو جو تون هن جو برتن کولي ماکي ڪڍي هوئي ۽ ان سان گڏ اشرفيون به ڪڍيون آهن
خليفو هي واقيو ڏسي تمام خوش ٿيو ۽ واپس درٻار ۾ اچي جوهري ۽ حسن کي گهرايو ۽ انهي طرح شاهي حڪيم کي گهرايو ۽ ماکي چکڻ لاءِ چيو شاهي حڪيم چيو ته هي ماکي تازاه آهي
جنهن تي خليفي چيو يه ته تو حسن کي اشرفيو واپس ڪر يه سازا جي لاءِ تيار ٿي ڇوجو تو ماکي سان گڏ حسن جون اشرفيون به ڪڍيون آهن.
جوهوري تسليم ڪيو ۽ اشرفيون حسن کي واپس ڪيون ائين ٻارن جي ذهانت سان هڪ مشڪل مقدمي جو فيصلو ٿيو
سچائي جو انعام
Posted by
Daharki Web
at
21:41
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاه هو جنهن کي اولاد ڪون هو جڏهن هو پوڙهو ٿيو ته هن کي سوچ ورايو ته منهنجي تخت و تاج جو وارث ڪير ٿيندو؟ پر هڪ ڏينهن بادشاه اعلان ڪيو ته هو هڪ ٻار هنجهه وٺڻ چاهي ٿو جيڪو بعد ۾ تخت و تاج جو وارث ٿيندو. تمام ملڪن مان ڪجهه ٻار پسند ڪيا ويا ۽ هڪ شرط رکيو ويو ته هر هڪ ٻار کي هڪ ٻج ڏنو ويندو جنهن ٻار جي پوکيل ٻج مان خوبصورت گل ڦٽندو اهو بادشاه جو وارث ٿيندو. سونگ چن نامي هڪ ٻار هو جنهن به بادشاه کان هڪ ٻج ورتو ۽ گهر اچي گملي ۾ پوکي ڇڏيو ڪجهه هفته گذرڻ باوجود ان گملي ۾ ٻوٽو ظاهر ڪون ٿيو ۽ سونگ چن هڪ دفعو ٻيهر پري کان مٽي کڻي اچي گملي ۾ وڌي ۽ روزانو پاڻي ڏيڻ لڳو پر وري به هڪ ميهنو گذرڻ باوجود گملي ۾ ٻج ڪون ڦوٽو مقرر تاريخ تي سب ٻار بادشاه جي محل ۾ گڏ ٿيا سڀني جي هٿن ۾ خوبصورت گل هئا پر سونگ چن وٽ خالي گملو هو بادشاه جڏهن گل ڏسندو ڏسندو سونگ چن وٽ آيو ته سوال ڪيائين تو هي خالي گملو ڇو کڻي آيو آهين سونگ چن جواب ڏنو بادشاه سلامت مان تمام ڪوشش ڪئي پر توهان جو ڏنل ٻج هن گملي مان به ڦوٽو. ان تي بادشاهه سلامت جواب ڏنو ته مان سڀ ٻارن کي ٻج اٻريل ڏنو هو جيڪو بيڪار هو پر تو ان ۾ ڪمياب ٿي ويو آهي ٻين ٻارن خراب ٻج جي بدران سٺا ٻج پوکيا آهن ۽ تو غلط حرڪت ناهي ڪئي. سونگ چن کي سچائي جو انعام ملي ويو هو
Friday, 9 August 2013
سڙڪ جيڪا اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي آهي
Posted by
Daharki Web
at
16:09
سڙڪ جيڪا اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي آهي
جنوبي ڪوريا هڪ اهڙي سڙڪ بڻائي آهي جنهن جي هلندڙ اليڪٽرونڪ گاڏيو چارج ڪندي
آهي حڪام جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين سڙڪ آهي ۽ ان جي لمبائي
12 ڪلو ميٽر آهي
ان جو مطلب آهي ته گاڏين ۾ سڙڪ سان گڏ اهڙي قسم جا آلات استعمال ٿيل آهن جو
گاڏي کي چارج ڪرڻ لاءِ روڪڻ جي ضرورت ڪون پوندي آهي
ٻه عوامي بسو ان ٽيڪنلوجي جو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن ۽ 2015 تائين ان جي
تعداد ۾ اضافو ٿي ويندو
ڪوريا ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪائسٽ جي ڊانگ هو چو جو هن
پروجيڪٽ جو سربراه آهي ان چوڻ آهي ته هي وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته اسان ان منصوبي ۾
ڪمياب ٿي ويا آهيون ته هاڻ بسون عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت فرهام ڪن ان وڌيڪ چيو
ته هي يقينن او ايل اي وي ٽيڪنالوجي جي لاءِ مزيد ڪمرشل سطح تي وڃڻ ۽ عوامي
ٽرانسپورٽ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو آهي
ايپل جي تقلي چارجر جي بدلي اصل چارجر
Posted by
Daharki Web
at
15:57
ايپل جي تقلي چارجر جي بدلي اصل چارجر
ايپل پوري دنيا ۾ ٻئي ڪمپنين جا بڻيل نقلي يو ايس بي چارجرز کي تبديل ڪرڻ جو
پروگرام شروع ڪيو آهي جيڪو صرف 10 ڊالر جي برابر رقم ۾ حاصل ڪري سگهبو
مليريا کان بچائو واري ويڪسين تيار 80 فيصد ڪميابي
Posted by
Daharki Web
at
15:50
مليريا کان بچائو واري ويڪسين تيار 80 فيصد ڪميابي
مليريا کان بچائو واري يڪسين تيار ڪرڻ وارن سائسدانن پنهنجي تجربا ڪجهه شائع
ڪيا آهن هي نتيجا انتحائي حوصله ڏيندڙ ۽ هڪ ڪميابي جي اُميد آهن
آمريڪي رياست ميري لينڊ جي هڪ بائيوٽيڪ ليبارٽري ۾ سائنسدانن مچهرن کي برقي
شعاعن کان گذاري ان طفيليون يا پيراسائٽس کي ڪمزور ڪندا آهن جنهن سان مليريا وڌي
ٿو سائنسدانن انن ڪمزور طفيليون کي انسانن جي جسم ۾ داخل ڪندا آهن جنهن سان انسان
جي معدافعت جو نظام حرڪت ۾ اچي ۽ مضبوط ٿئي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيترن به رضاڪارن تي هي تجربا ڪيا ويا آهن انن ۾ 80
فيصد ۾ مليريا جي خلاف قوت مدافعت پيدا ٿي آهي.
البته سائنسدانن جي ٽيم جي سربراهه چيو آهي ته ويڪسين جي وڏي پيماني تي ٽريل
ڪرڻ جي ضرورت آهي
Tuesday, 6 August 2013
آن لائين گيمز جي حد مقرر ڪرڻ جي ضرورت
Posted by
Daharki Web
at
22:23
برطانيه ۾ ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ ڪمپنين کي آگاه ڪيو ويو آهي ته آن لائين گيمس ۾ تبديلي آندي وڃي نه ته حڪومت مداخلت ڪندي
ڪارڊف ڊربي ۽ نوٽنگم ٽرينٽ يونيورسٽي جي طرف کان ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ڪجهه ماڻهون نوي گهنٽا آن لائين گيم کيڏن ٿا
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته عام ويڊيو گيمز ختم ٿي وينديو آهن پر اوهي گيمز جنهن ۾ قردار بڻي ٻين کيلاڙين سان گڏ گيم ڪيڏجي ان جو ڪائي پڃاڻي ڪونهي ٿيندي
ٻئي طرف آن لائين گيمز جي تنظيم چيو آهي ته هو گيم کيڏڻ وارن جي صحت کي سنجيدگي سان ڏسندا آهن
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪمپنين کيلاڙين جي لاءِ حدود نه رکيو ته گيمز جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو اهيو ممڪن آهي ته مغربي ملڪن وانگر حڪومت کي به ايشيائي ملڪن وانگر حد مقرر ڪرڻي پوندي
هي تحقيق ايڊڪشن ريسرچ ايڊ تهيوري جرنل ۾ شائح ڪئي وئي آهي
Monday, 5 August 2013
ليپ ٽاپ جي اسڪرين
Posted by
Daharki Web
at
11:51
ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته ٻين مينهن ۾ ليٽ ٽاپ جي اسڪرين اندار کان صاف ڪرڻ ضروري آهي اڪثر ماڻهو ان چيز کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن پر ليپ ٽاپ بڻائيڻ واريو ڪمپنيون ان جو پورو فائيدو وٺنديون آهن جڏهن توهان ليپ ٽاپ کي اندر کان صاف ڪرڻ جو طريقو ڃاڻڻ چاهيو ٿا ته لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
Sunday, 4 August 2013
شوشل ميڊيا ۾ اهم ڪردار رکندڙ ٽوئٽر مذهبي روين خلاف نئي قانون سازي ڪري ڇڏي
Posted by
Daharki Web
at
11:33
مصر ۾ مغربي سفارتڪارن جي طرف کان امن قائيم ڪرڻ جو ڪوششو
Posted by
Daharki Web
at
11:09
مصر ۾ مغربي سفارتڪارن جي طرف کان امن قائيم ڪرڻ
جو ڪوششو
امريڪا ۽ يورپ يونين جي طرف کان مصر ۾ حڪومتي
حڪام ۽ معزول صدر محمد مرسي جي حامين سان مذاڪرات ڪري رهيا آهن ملڪ ۾ جاري پر تشدد
مظاهرا ۾ هڪ سو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن
سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي مختلف واقعن ۾ 38 ماڻهو فوت ڪيترا زخمي
Posted by
Daharki Web
at
10:51
سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي مختلف واقعن ۾ 38 ماڻهو فوت ڪيترا زخمي ڪيترنِ علائقن ۾ سيلاب جي صورتحال زندگي مفلوج بڻجي وئي
ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات ملير ندي ۾چاڙهه سنڌي ڳوٺ پاڻي هيٺ 15 ڄڻا فوت حيدرا آباد لطيف آباد ۽ شهر جي ٻين ڪيترن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. سکر لاڙڪاڻو فيض گنج ۽ شڪارپور ۾ 4 ڄڻا فوت تيز برسات سبب خيرپور ۾ کجي ۽ شڪارپور ۾ ساريالي فصل کي نقصان جيڪب آباد ۾ ڪئنال کي گهارا 40 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا سهدادڪوٽ ۽ ڀرياسٽي ۾ طوفاني برسات هيٺيان وارا علائقا ٻڌي پيا موسميات کاتي 12 گهنٽن اندر سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ تيز برسات جي اڳڪتي ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان جو پاڻي سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو ٻوڏ جو خطرو ايمرجنسي لاڳو قلات مان جابلو علائقي ۾ نهرون واهي اچڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي پاڻي تيزي سان سهداد ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي جهل مگسي ضلعي ۾ هنگامي صورتحال لاڳو ڪئي وئي آهي قبو سعيد ۽ ٻين وسندين ۾ ٻوڏ جو خطرو ڪجهه ڳوٺ خالي ڪرائيڻ جي جي وارننگ پڻ ڏني وئي آهي
Saturday, 3 August 2013
الطاف نظر بند
Posted by
Daharki Web
at
17:58
لنڊن برطانوي پوليس متحداه قومي مومينٽ جي قائد الطاف حسين کي دارالحڪومت لنڊن ۾ واقع ان پنهنجي رهائيش گاه ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو الطاف حسين جي سياسي سرگرمين تي پابندي جڏهن ته بينڪ آڪائونٽ به بند ڪري ڇڏيا آهن لنڊن سان تعلق رکندڙ صحافي پنهنجو نالو ظاهر نه ڪندي رپورٽ ڏني آهي ته ميٽروپوليٽن پوليس ايم ڪيو ايم جي قائيد الطاف کي سياسي ڪاروائين کان روڪيندي ان کي گهر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته الطاف تي مني لانڊرنگ ۽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ تحقيقات هندڙ آهي
Friday, 2 August 2013
Thursday, 1 August 2013
چيف جسٽس جي پنهنجي ڊگري جعلي
Posted by
Daharki Web
at
16:33
چيف جسٽس جيڪو ٻين کي توهين عدالت جو نوٽس موڪلي ٿو ان جي پنهنجي ڊگري جعلي نڪري آئي ثبوط سان گڏ ويڊيو ڏسو
افتخار چودري نظر بندي جو دور ۾ نوازشريف ۽ رانا ثناالله کي فون ڪالون ڪندو هو شيخ رشيد
Posted by
Daharki Web
at
13:59
مان توهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهان ته هي ڪيترو وڏو ڊارمو آهي افتخار چودري نظر بندي جو دور ۾ نوازشريف ۽ رانا ثناالله کي فون ڪالون ڪندو هو شيخ رشيد جو بيان
Wednesday, 31 July 2013
سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو
Posted by
Daharki Web
at
21:19
سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان کي
توهين عدالت جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٻه آگسٽ تي عدالت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت جي مطابق عمران خان اعلي عدالت جي باري ۾
نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي چيف جسٽس افتخار محمد چودري جي سربراهي ۾ ٽئي رڪني
بينچ جمع جي ڏينهن فيصلي ڏيندي عمران خان 26 جولائي تي تقرير ڪندي چيو هو ته عدليه
۽ اليڪشن ڪميشن جي زير نگراني ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي آهي
شيخ رشيد جي ٽي وي تي پاپندي
Posted by
Daharki Web
at
15:37
نواز شريف شيخ رشيد کان ان حد تائين خوفزاده آهي ته هن کي ٽي وي تي نه ٿو ڏسڻ چاهي ڪل سڃي دنيا ڏٺو ته جئين شيخ رشيد ٽي وي تي آيو ته هُن ٽي وي چينل جي پروگرام کي آف آئر ڪرائي چڏيو ۽ شيخ رشيد تي پاپندي هڻي ڇڏي شيخ رشيد 15 ڏينهن پهرين ان ڳالهه کان آگاه ڪري ڇڏيو هو ته نواز شريف منهنجي ٽي وي تي پاپندي هڻائي ڇڏيندو
عامر لياقت پوري دنيا ۾ اسلام کي مذاق بڻائي رکيو آهي
Posted by
Daharki Web
at
15:24
عامر لياقت پوري دنيا ۾ اسلام کي مذاق بڻائي رکيو آهي ان تي سي اين اين جهڙي چينل به رپورٽ ڪئي ته عامر لياقت اسلام کي سرعام بدنام ڪري رهيو آهي ۽ پوري
دنيا ۾ پاڪستان کي ذليل ڪري رهيو آهي
فلمن کان حقيقت تائين
Posted by
Daharki Web
at
12:57
ڊان جي سڃاڻپ ايڪشن فلمن کان شروع ٿي جنهن جو قردار شروع کان آخر تائين فلم ۾ رهندو آهي ۽ فلم جي پوري ڪهاني ڊان جي آس پاس هوندي آهي اڪثر فلمن ۾ ننڊا توڙي وڏا پوليس اهلڪار توڙي سياستدان ڊان جي هيٺيان هوندا آهن. ان فلم ۾ هيرو جو ڪردار به هوندو آهي جيڪو فلم جو اهم حصو هوندو آهي جيڪو فلم جي ختم ٿيڻ وقت ڊان کي نقصان پهچائيندو آهي پر ان فلم تي ڪروڙين رپيا هاڻ خرچ اچن ٿا جنهن جو بچيٽ فلم ٺاهيڻ کان پهرين ادا ڪيو وڃي ٿو ۽ فلم جي ڪميابي کان پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو شيئر ملي وڃي ٿو. پر ڏهرڪي نئين ڪوٽ ۾ پيدا ٿيندڙ حقيقت وارو امانت اُرف ڊان گولو جيڪو ڪروڙين رپيا عوام جا هيٺيان ڪيون ويٺو آهي ان جي آس پاس جيڪا ڪهاني هلي رهي آهي ان جو بجيٽ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي ۽ ان فلم ۾ ڪيترا ڪردار آهن ان جي خبر صرف ۽ صرف ڊان گولي جي خفيا سي ڊي ۾ موجود آهي جيڪو سرعام پنهنجو ڌنڌو هلائي رهيو آهي ان فلم جو هيرو ڪير ٿيندو يا هي فلم شاه رخ واري ڪهاني جو ٽيون پارٽ آهي جنهنجو جو انت ڊان جي ڪميابي تي ختم ٿئي ٿو ۽ ماڻهو ان ڏينهن کان ٻئي پارٽ جي اچڻ جو انظار ڪن ٿا.
چوڌري اعتزاز احسن صدارتي چونڊن کي قبولڻ کان انڪار ڪندي
Posted by
Daharki Web
at
11:21
پيپلز
پارٽي اڳواڻ ۽ ناليواري وڪيل چوڌري اعتزاز احسن صدارتي چونڊن کي قبولڻ کان
انڪار ڪندي، ڊسمبر 2013ع کانپوءِ چونڊ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو
اعلان ڪري ڇڏيو.
Tuesday, 30 July 2013
Monday, 29 July 2013
Sunday, 28 July 2013
ڏهرڪي کان نئي ڪوٽ تائين
Posted by
Daharki Web
at
14:06
ڏهرڪي ۾ آهستي آهستي ننڊا جوا جا اڏا بند ٿيڻ لڳن ٿا ٻاهراڙي جي علاقن ۾ امن ٿيڻ شروع ٿئي وڃي ٿو هي موسم وونڻ ۽ سارين جي پوکي جي آهي پر ڪٿي به مزدور نظر ڪون اچن ٿا جيڪڏهن ڪي مزدور آهن به ته انن کي مزدوري ٻيڻي ملي رهي هئي راهڪي لاءِ راهڪ زميندارن کي ڪون ملن پيا. اچانڪ ڏهرڪي مان ڪرڪٽ تي هلندڙ سٽا بلڪل ختم ٿي وڃن ٿا سانوڪرن جي راند تي هلندڙ جوا جو ڪاروبار بلڪل بند ٿي وڃي ٿو مزدورن جي مزدوري جا ريٽ وڌي ويا ڏهرڪي ۾ هڪ خاموشي واري مرڪ نظر اچي پئي ڃڻ ته ماڻهون ڪنهن جي انتظار ۾ هجن. پر مونکي اهيو ڏسي عجيب لڳو سچيم ته ڪا تبديلي ضرور آئي آهي علي قاضي واري تبديلي ته ڀٽ شاهه تي دم ڏئي وئي هوئي پر ڪجهه ته آهي ضرور آهي جو ماڻهون بدليل بدليل نظر اچي رهيا آهن سوچيو ته ٽي وي ته ڏسان متان پيپلس پارٽي نئو ڪو وڏو وزير مقرر ڪيو هجي پر ائين به ڪون هو وري جاچ ڪيم ته ڪو ايس ايس پي آيو هجي جنهن هي سڀ ڪجهه ختم ڪرايو هجي پر ائين به ڪون هو وري پتو ڪيم ته شايد اسان وارو ايم اين اي سردار علي گوهر مهر وونٽن کان پوءِ ڏهرڪي آيو هجي پر ائين به ڪون هو منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ سوچيم ته ٿورو آرام ڪيان آرام ڪرڻ لڳم ته رمضان جي ياد آئي جيڪو منهنجو دوست هو پو خيال آيو ته رمضان جو ڀلارو مينهنو آهي ان ڪري سڀ احترام ڪري رهيا آهن ۽ ائين ننڊ اچي وئي. اڃ آچر جو ڏينهن هو لکڻ ڪان ڪجهه هو ڪون ان ڪري جيڪا مونسان گذري سو لکي پنهنجي عادت پوري ڪئي
Saturday, 27 July 2013
چريو ڪير ؟؟
Posted by
Daharki Web
at
23:27
چرين جي اسپتال جي ڀرسان هڪ ڍنڍ هئي، جتي هڪ ماڻهو صبح جو سوير ڪُنڍي پاڻيءَ ۾ وجهي، ڏور هٿ ۾ جهليو، ڪناري تي ويٺو هو. اسپتال جو هڪ چريو پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ مان ان ماڻهو کي ڏسي رهيو هو. جڏهن سانجهي ٿي ته اهو ماڻهو پنهنجا ٽپڙ ويڙهي پٺتي موٽيو. جڏهن اسپتال جي ڀرسان لنگهيو، ته چريي سڏ ڪري پڇيس: "تو اڄ سڄو ڏينهن اتي ڇا پئي ڪيو؟" "مڇيون ٿي ڦاسايم" شڪاريءَ جواب ڏنو "گهڻيون ڦاسايئه؟" چريي وري پڇيس "هڪ به نه." شڪاريءَ جواب ڏنو چريي چيس، "ته پوءِ تون به هن اسپتال ۾ ڇو نٿو اچين
Friday, 26 July 2013
Thursday, 25 July 2013
Tuesday, 23 July 2013
Monday, 22 July 2013
عـــلـــم مــــان عـــقـــــل جــي تــرقي ٿـيـنـدي
Posted by
Daharki Web
at
23:48
عـــلـــم مــــان عـــقـــــل جــي تــرقي ٿـيـنـدي ،
عــقــل مــان ديــن ۽ دولــت جــي تـرقي ٿيندي ،
ديـــن ۽ دولـــت مــان عــزت جــي تـرقي ٿيندي ،
عـــــزت مـــان نــيــڪــي جـي تـرقـي ٿــيـنـدي ،
نـيـڪـيء مــان زنــدگـــيء جـــي تــرقـي ٿيندي .
عــقــل مــان ديــن ۽ دولــت جــي تـرقي ٿيندي ،
ديـــن ۽ دولـــت مــان عــزت جــي تـرقي ٿيندي ،
عـــــزت مـــان نــيــڪــي جـي تـرقـي ٿــيـنـدي ،
نـيـڪـيء مــان زنــدگـــيء جـــي تــرقـي ٿيندي .
مڇر ۽ نوڪر
Posted by
Daharki Web
at
22:00
مالڪ نوڪر کي اڃان تائين تو مڇر ڪون ماري سگهيون آهين منهنجي ڪن ۾ آواز ڪري رهيا آهن
نوڪر سائين مان مڇر ماري ڇڏيا آهن هي انن جو زالون آهن جيڪي بيواه ٿيڻ تي روئي رهيون آهن
ڏاڏي ۽ ڇوڪري
Posted by
Daharki Web
at
21:57
ڇوڪري ڏاڏي کي مان اسڪول ڪون ويندم راستي ۾ ڇوڪري مونکي ڇيڙيندا آهن
ڏاڏي هاڻي بهانو نه ڪر انهي رستي سان مان به ويندي آهيان مونکي ته ڪو به ڪون ڇيڙيندو آهي
هوسٽل ۾ رهون ٿا
Posted by
Daharki Web
at
21:41
استاد پٺاڻ کي تو هوم ورڪ ڇو نه ڪيو آهي
پٺاڻ سائين اسان هوسٽل ۾ رهون ٿا
پٺاڻ ۽ فلم
Posted by
Daharki Web
at
21:40
هڪ پٺاڻ سينيما ۾ فلم ڏسي رهيو هو ته اچانڪ هڪ شيئر ڊوڙيندو اچي رهيو هو پٺاڻ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي لوئي کي ڪلهي تي رکي ٻاهر وڃڻ لڳو ماڻهن چيو پٺاڻ هي فلم آهي پٺاڻ ڇوڻ لڳو اهيا ته مونکي خبر آهي فلم آهي پر شيئر جانور آهي
Sunday, 21 July 2013
سنڌي ۽ ڀوت
Posted by
Daharki Web
at
21:24
هڪ سنڌي کي ڀوت جهڙيو ۽ ٽين ڏينهن کان بعد ڀوت پاڻ فقير وٽ ويو فقير کي جيان ته مانکي سنڌي مان ٻاهر ڪڍ نه ته مان بکيو مري ويندم
سردار ۽ ٻلي
Posted by
Daharki Web
at
13:16
هڪ سردار جي گهر ۾ ٻلي رهندي هوئي سردار تنگ ٿي ڪري ٻلي کي رولي گهر پهتو ته ٻلي پهرين گهر ۾ ويٺي هوئي وري سردار پري ٻيلي کي رولڻ ويو ۽ وري ٻيلي سردار کان پهرين گهر پهچي وئي سردار کي ڪاوڙ آئي ٻيلي تمام پري رولڻ لاءِ ويو شام جي ٽائيم زال کي فون ڪري چيان ٻيلي گهر پوتي آهي زال جواب ڏنو ٻيلي پهچي وئي آهي سردار زال کي انهي ڪميني کي موڪل منهن کي وٺي وڃي مان رستو ڀلجي ويو آهيان
ڇوڪريون بيوقوف
Posted by
Daharki Web
at
13:14
هڪ اخبار ۾ ڇپيو ته ڇوڪريون 50 سيڪڙو بيوقوف هونديون آهن ان ته ڇوڪرين تمام شور ڪيو ۽ احتجاج ڪيا وري انهي اخبار ۾ ڇپيو ته 50 سيڪڙيو ڇوڪريون بيوقوف ڪون هونديون آهن ان تي ڇوڪرين احتجاج ختم ڪيو
سنڌي ۽ شيخ
Posted by
Daharki Web
at
13:13
هڪ شيخ کي سنڌي پنهنجي رت ڏني ان جي جان بچائي جنهن جي بدلي ۾ شيخ سنڌي کي ڪار گفٽ طور ڏني
ٻئي دفعي شيخ کي رت جي ضرورت پئي وري سنڌي رت ڏني ۽ بدلي ۾ شيخ هن کي ترن وارا لائي ڏني سنڌي ڪاوڙ مان شيخ کي چيو تو هن ڀيري مونکي ڪار ڇو نه ڏني شيخ کلندي چيو هاڻي منهنجي جسم ۾ سنڌي جو رت هلي رهيو آهي
ٻئي دفعي شيخ کي رت جي ضرورت پئي وري سنڌي رت ڏني ۽ بدلي ۾ شيخ هن کي ترن وارا لائي ڏني سنڌي ڪاوڙ مان شيخ کي چيو تو هن ڀيري مونکي ڪار ڇو نه ڏني شيخ کلندي چيو هاڻي منهنجي جسم ۾ سنڌي جو رت هلي رهيو آهي
منهنجي زندگي
Posted by
Daharki Web
at
13:07
نئين شادي ڪيل مڙس پنهنجي موبائيل ۾ زال جو نمبر ”منهنجي زندگي“ جي نالي سان محفوظ ڪيو هيو۔۔۔ شادي جي هڪ سال کان پوءِ هن نالو تبديل ڪندي لکيو ۔۔۔ ”منهنجي زال“ شادي جي ٻن سالن کان پوءِ هن نالو تبديل ڪندي لکيو۔۔۔ ”گهر“ شادي جي پنجن سالن کان پوءِ هن نالو تبديل ڪندي لکيو۔۔ ”هٽلر“ شادي جي ڏهن سالن کان پوءِ نالو تبديل ڪندي لکيائين۔۔۔ ”رانگ نمب
Saturday, 20 July 2013
شير جي شادي
Posted by
Daharki Web
at
20:40
جنگل ۾ شير جي شادي هوئي جڏهن ڃن هلڻ لڳي ته اچانڪ هڪ ڪوئو نچڻ لڳو. شير ان کي چيو ڀاءُ تون ڇا جي لاءِ نچي رهيو آهين ڇا توهان جي به شادي آهي ڇا؟ ڪوئي جواب ڏنو شادي کان پهرين مان به شير هم
چور
Posted by
Daharki Web
at
20:36
پوليس اسٽيشن ۾ فون جي گهنٽي وڳي ڇا مان ان چور سان ملي سگهان ٿو جنهن منهنجي گهر ۾ چوري ڪئي؟
نه توهان چور سان نه ٿا ملي سگهو اهيا اسان جي قانون جي خلاف آهي. پر توهان ان چور سان ملڻ ڇو ٿا چاهيو
مان صرف اُن کان اهيو پڇڻ ٿو چهيان ته هن منهنجي زال کي بنا جڳائي گهر ۾ اندر ڪئين داخل ٿيو
نه توهان چور سان نه ٿا ملي سگهو اهيا اسان جي قانون جي خلاف آهي. پر توهان ان چور سان ملڻ ڇو ٿا چاهيو
مان صرف اُن کان اهيو پڇڻ ٿو چهيان ته هن منهنجي زال کي بنا جڳائي گهر ۾ اندر ڪئين داخل ٿيو
اچڻو آهين جي تون، آءُ، ڪيسين سانڍيان مان سوداء
Posted by
Daharki Web
at
20:27
اچڻو آهين جي تون، آءُ،
ڪيسين سانڍيان مان سوداءَ!
ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان،
تو کي ڪُهندو تنهنجو ڀاءُ!
جِيون پو به ڪري ٿو چونڊ،
توڙي ڏئي ٿو موت چتاءُ.
اندر سيخون، ڪوٽ ڪڙا،
ٻاهر ڪُونجون، هِير ــ هُڳاءُ،.
اونهاري جي اوجل باک،
آءُ، اڱڻ ۾ منهنجي آءُ!
او زندان جي ڪارِي ولهه!
تو ۾ آهيان آءُ اُلاءُ.
وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ!
گهايل ڄاڻي منهنجو گهاءُ.
مون کي ڪوئي ڪونه پَلي،
پيار نه ڄاڻي ٿو پڇتاءُ
ڪيسين سانڍيان مان سوداءَ!
ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان،
تو کي ڪُهندو تنهنجو ڀاءُ!
جِيون پو به ڪري ٿو چونڊ،
توڙي ڏئي ٿو موت چتاءُ.
اندر سيخون، ڪوٽ ڪڙا،
ٻاهر ڪُونجون، هِير ــ هُڳاءُ،.
اونهاري جي اوجل باک،
آءُ، اڱڻ ۾ منهنجي آءُ!
او زندان جي ڪارِي ولهه!
تو ۾ آهيان آءُ اُلاءُ.
وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ!
گهايل ڄاڻي منهنجو گهاءُ.
مون کي ڪوئي ڪونه پَلي،
پيار نه ڄاڻي ٿو پڇتاءُ
ڪمپيوٽر جي شرعات
Posted by
Daharki Web
at
20:10
1950
۾ ڪمپيوٽر هڪ وڏي ۽ خاص مقصد واري مشين هوئي ان کي تمام وڏي ادارن جيئن يونيورسٽيز گورنمنٽ هي انن جو استعمال ڪندي هوئي. بنيادي طور تي ڪمپيوٽر وڏا ۽ ڏکيا حساب جا ڪم سرانجام ڏيندو هو. 1960ع ۾ جديد ڪمپيوٽر پنهنجي تجارتي سفر جي شرعات ڪئي. آئي بي ايم ( انٽرنيشنل بزنس مشين ) اپريل 1964ع ۾ پنهنجو سسٽم 360 مين فريم متعارف ڪرايو انهي طرح ان جي سسٽم 360 جي ڪميابي هڪ وڏي ڪميابي بڻجي وئي جنهن کان بعد ڪمپيوٽر بڻائيڻ واري ٻين ڪمپنين به پنهنجي سسٽم کي بهترين بڻائيڻ جي ڪوشش شروع ڪئي.
1970 ۾ ڊيجيٽل ايڪوپمنٽ ڪارپوريشن هڪ تمام وڏو قدم کنيون انن ماڻهن جي ضرورت کي ڏسندي هڪ ڪمپيوٽر بڻايو ۽ انهي طرح ڪمپيوٽر جي استعمال کي مقبول ڪري ڇڏيو. ان وقت ڪمپيوٽرن جي سائيز تمام گهٽ ٿيندي پئي وڃي پر هي سسٽم به تمام زياده پاور وارا آهن. اڃ سب کان زياده مقبول ڪمپيوٽر جيڪو توهان جي استعمال ۾ آهي انهي کي پرنسپل ڪمپيوٽر چيو ويندو آهي جنهن کي اسان پي سي به چوندا آهيون. ان جو نالو پي سي ان لاءِ رکيو ويو آهي جو ان جو استعال هڪ ٽائيم ۾ هڪ ڃاڻو ڪري سگهي ٿو هي ڪمپيوٽر 1970 واري ڪمپيوٽر کان زياده طاقتور ٿيندا آهن
1970 ۾ ڊيجيٽل ايڪوپمنٽ ڪارپوريشن هڪ تمام وڏو قدم کنيون انن ماڻهن جي ضرورت کي ڏسندي هڪ ڪمپيوٽر بڻايو ۽ انهي طرح ڪمپيوٽر جي استعمال کي مقبول ڪري ڇڏيو. ان وقت ڪمپيوٽرن جي سائيز تمام گهٽ ٿيندي پئي وڃي پر هي سسٽم به تمام زياده پاور وارا آهن. اڃ سب کان زياده مقبول ڪمپيوٽر جيڪو توهان جي استعمال ۾ آهي انهي کي پرنسپل ڪمپيوٽر چيو ويندو آهي جنهن کي اسان پي سي به چوندا آهيون. ان جو نالو پي سي ان لاءِ رکيو ويو آهي جو ان جو استعال هڪ ٽائيم ۾ هڪ ڃاڻو ڪري سگهي ٿو هي ڪمپيوٽر 1970 واري ڪمپيوٽر کان زياده طاقتور ٿيندا آهن
سوپر ڪمپيوٽر
Posted by
Daharki Web
at
20:07
هي تيزترين ۽ سب کان مهنگا ڪمپيوٽر آهن جن کي 1980 ۾ وڌيڪ ڏکين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو جنهن کي وڏن وڏن سائينسي ائربيس جي مرڪزن ۽ وڏي وڏي صنعتي ادارن يونيورسٽين ليبارٽيز ۾ ڏکين ڏکين حسابن لاءِ سوپر ڪمپيوٽر جو استعمال ڪيو وڃِي ٿو. هي ڪمپيوٽر موسمن جي حالت اڳواٽ پيش گوئي هوائي جهاز جي ڊيزائين ۽ نيوڪلئير ريسرچ جي لاءِ به استعمال ڪيا وڃن ٿا. ٽائيم شيئرنگ موڊيمن ۾ به ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته هزارين ڪمپيوٽر گڏ ڪري صرف هڪ وقت ۾ هڪ ڪمپيوٽر تان ڪم ڪيو وڃي ٿو سوپر ڪمپيوٽر عام ڪپيوٽر کان تمام تيز آهن
اِي بڪ
Posted by
Daharki Web
at
20:04
دنيا جون لئبريس اِي بڪ ۾ تبديل ٿي رهيون آهن انگليش بڪس کي جيڪڏهن سرچ انجن تي لکجي ٿو ته ڪيترائي جواب ملن ٿا پر دنيا جي نسبت سنڌي ۾ ڪتاب نه هئيڻ جي برابر آهن انٽرنيٽ تمام تيز ٿي رهيو آهي پوري دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به انٽرنيٽ آفيسن سان گڏ اوطاقن ۽ گهرن تائين رسائي تيزي سان حاصل ڪري رهيو آهي. اسان کي گهرجي ته جيڪي ڪتاب هاڻ اسان ايڊيٽ ۽ ڪمپوز يه سنڌي ۾ گهڻي چئجي ڇاهپرائي رهيا آهيون انن ڪتابن سان گڏ اِي بڪ ۾ به تبديل ڪيون اِي بڪ جو مطلب جيڪي ڪتاب اسان اليڪٽرونڪ مشينن جي ذريعي پڙهي رهيا آهيون انن کي اِي بڪ چئجي ٿو
Subscribe to:
Posts (Atom)